موجودو اڳڀرائي ڪنهن جو کٽڻ يا هارائڻ ناهي، پختونن جي نمائندگي رڳو پي ٽي آءِ ناهي ڪندي: چوڌري نثار

November 2, 2016 at 8:09 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار عليءَ چيو آهي ته عزت عهدي ۾ نه پر ڪردار ۾ آهي، موجودا اڳڀرائي ڪنهن جي کٽڻ نه ئي هارائڻ آهي، کٽيو ته پاڪستان کٽيو ۽ اسان جا ٻار کٽيا، پاڪستان جي کٽڻ تي ۽ پنهنجي ادارن تي اعتماد آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي گھرو وزير چيو ته سياسي دشمنيءَ جو نقصان عوام تي پئي ته عوام دشمنيءَ جي ڏس ۾ اچي ٿو، عمران خان جيڪي ڪجھه چيو ان جو قدر ڪريان ٿو، ڪالهه چند هزار ماڻهو موٽر وي تي هلان ڪرڻ چاهين پيا، ڪلهه سڪيورٽي قدمن جي ڪري ڪنهن ڳوڙها آڻيندڙ گئس سان منهن ڏنو ته ڪنهن کي لٺيون لڳيون جنهن تي معافي ٿو چاهيان، ايف 8 پارڪ ۾ جلسي ۾ رڪاوٽ نه وڌي وئي، ڪي پي ۾ مسلم ليگ ن کي ڪيترائي ڀيرا مينڊيٽ مليو، پختونن جي نمائندگي رڳو پي ٽي آءِ ناهي ڪندي اي اين پي، جي يو آءِ ايف به ڪندي آهي، حڪومت اسلام آباد کي جنگ جو ميدان بڻجڻ کان بچايو، حڪومت عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ سڀ قدم کنيا، پنجاب پوليس ثابت ڪيو ته قانون جي عملداري قائم ڪري سگھي ٿي، ڪاش ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال نه ٿئي ها ته تشدد جا واعقا سامهون نه اچن ها، جسٽس صديقيءَ جا گھڻا فيصلا ن ليگ خلاف آيا پر اعتراض نه ڪيو، رستن ۾رڪاوٽون ان جي لاءِ بيهاريون ويون جو آندل لشڪر سان قبضو ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، بنيادي حقن جي ذميواري صوبائي ۽ وفاقي حڪومت تي آهي، عوام جي روز مرهه جي زندگي جي معمول ۾ ڏکيائين ۽ رڪاوٽن تي معافي ٿو چاهيان، اسلام آباد ۽ پنجاپ پوليس کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو. چوڌري نثار عليءَ چيو ته پوليس ن ليگ، وڏي وزير يا گھرو وزير جي ناهي، پوليس پاڪستان جي آهي، سڀ کان اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ هوندي آهي، پوليس نه رڳو ڳوڙها آڻيندڙ گئس سان قانون جي رٽ برقرار رکي، جيڪو اڄ ٿي رهيو آهي حڪومت ان جو اعلان 4 مهينا اڳ ڪري چڪي هئي، حڪومت جي سڀ کان وڏي ذميواري لا اينڊ آرڊر آهي، پيپلز پارٽيءَ جي لاءِ ان ڪري ڳالهه ٿو ڪريان جو هوءَ حڪومت ۾ رهي چڪي آهي، وزيراعظم پاڻ کان احتساب شروع ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي. گھرو وزير چيو ته اسلام آباد انتطاميا کي سڏايو آهي جيئن اڳتي جو لائحه عمل طئي ڪيو وڃي، حالتون معمول تي اچي رهيون آهن ته حڪومت 10 قدم کڻندي، انگريزي اخبار جي خبر جي جاچ جي لاءِ ڪميٽي جي ميمبرن تي عوام کي اعتماد هوندو، انهن اختلافن تي فيصلو سپريم ڪورٽ ڪندي، اسان جا جيڪي پاڻ ۾ اختلاف آهن اهي رهندا، پيپلز پارٽيءَ کان پڇو ته هنن مون کي شوڪاز نوٽيس موڪليو؟ ايف سي ۾ رٽائرمينٽ جي عمر 45 سال ڪري رهيا آهيون، اسلام آباد پوليس جي موجودا پگھار 30 هزار رپيا ماهوار آهي، ايف سيءَ جي پگھارن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن اڄ يا سڀاڻي نڪري ويندو

اي پيپر