نواز شريف اقتدار بچائڻ لاءِ اقتدار کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي،حڪومت طاقت جي نشي ۾ مست هاٿي بڻجي وئي آهي: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (رپورٽر)وڏي وزير جي سڌ سماءَ بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته هڪ صوبي جي وڏي وزير کي تشدد وسيلي روڪي ڪهڙو پيغام ڏنو پيو وڃي، ضياءَ جي باقيات هڪ ڀيرو ٻيهر وفاق کي نقصان پهچائي رهي آهي، ڪراچيءَ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولا بخش چانڊئي جو چوڻ هو ته ملڪ کي رڳو هڪ وڏي صوبي جي مخصوص ٽولي جي ملڪيت بڻايو پيو وڃي، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير تي تشدد وفاق کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو، ميان صاحب جا نوَ رتن کيس انڌي کاهيءَ ۾ ڌڪي چڪا آهن، چئني صوبن جي ڪڙين کي ٽوڙيو پيو وڃي، ميان صاحب پنهنجو اقتدار بچائڻ جي لاءِ وفاق کي داءَ تي لڳائي رهيو آهي، حڪومت طاقت جي نشي ۾ مست هاٿي بڻجي وئي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *