لاهور هاءِ ڪورٽ اصغر خان ڪيس جي فيصلي تي عملدرآمد واري درخواست خارج ڪري ڇڏي

November 1, 2016 at 6:11 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور(م ڊ)لاهور هاءِ ڪورٽ، اصغر خان ڪيس جي فيصلي تي عملدرآمد واري درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي، عدالت ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ڪيس ۾ ملوث شخصيتن جو تعلق رڳو پنجاب سان هجي ها ته عدالت ٻـُڌڻي ڪري ها.تحريڪ انصاف لائيرز فورم جي فياض مهر ايڊوڪيٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ 2012 ۾ اصغر خان ڪيس جو فيصلو ٻڌايو پر ان تي عمل ناهي ڪيو ويو.درخواستگذار الزام هنيو ته 1990 جي چونڊن ۾ 140 ملين رپيا ورهايا ويا، ان دوران نواز شريف به اسلامي جمهوري اتحاد ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪروڙين رپيا وصول ڪيا پر ايف آءِ آي گذريل 4 سالن کان خاموش آهي.عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته ايف آءِ اي کي اصغر خان ڪيس تي عملدرآمد جو حڪم ڏنو وڃي.چيف جسٽس، جسٽس منصور علي شاهه درخواست خارج ڪندي چيو ته اصغر خان ڪيس ۾ ملوث شخصيتن جو واسطو سموري پاڪستان سان آهي، صرف پنجاب جون شخصيتون ملوث هجن ها ته لاهور هاءِ ڪورٽ وٽ درخواست ٻڌڻ جو اختيار هجي ها.عدالت، درخواستگذار کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدارآمد لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطي جي هدايت ڪئي

اي پيپر