سيالڪوٽ(م ڊ)ڀارتي فوج لائين آف ڪنٽرول جي مختلف سيڪٽرز تي فائرنگ ڪري 4 معصوم شهرين کي زخمي ڪري وڌو آهي، جڏهن ته پاڪ فوج پاران ڀرپور جوابي ڪارروائي بعد دشمن جي ڪيمپن ۾ خاموشي ڇائنجي وئي.آزاد ڪشمير جي ڪوٽلي سيڪٽر ويجهو نڪيال سيڪٽر تي ڀارتي فوج پاران هڪ ڀيرو ٻيهر رهائشي علائقن کي نشانو بڻايو ويو.جنگي جنون ۾ مبتلا ڀارتي فوج پاران سخت فائرنگ ۽ گولاباري جو سلسلو جاري رهيو، جنهن ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنهن بعد پاڪ فوج پاران ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ دشمن جون بندوقون خاموش ٿي ويون. زخمين ۾ لعل محمد، نائله، فتح محمد ۽ نيڪ محمد شامل آهن، جن کي تعلقي هيڊڪواٽراسپتال منتقل ڪري طبي امداد ڏني پئي وڃي.واضح رهي ته لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي سڪيورٽي فورسز جي مسلسل فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪيترائي عام شهري شهيد ٿي چڪا آهن