اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سُپريم ڪورٽ پاڻي جي قيمتن ۽ استعمال جي حوالي سان رپورٽ نه ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار کي گاج ڊئم ٺاهڻ کان ڪير روڪي رهيو آهي؟ وفاق طرفان جاري ٿيل 6 ارب رُپيا گهوٻين جي نذر ٿي ويا، ڇا وڏو وزير ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏيندو؟ سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ 3 رُڪني بئنچ پاڻي جي قيمتن ۽ استعمال لاءِ طريقيڪار جي حوالي سان ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ريمارڪس ڏيندي جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته لا اينڊ جسٽس ڪميشن حڪومت کي سفارشون موڪليون هيون، اُنهن جو ڇا ٿيو. جڏهن ته چيف جسٽس گلزار احمد سنڌ کانسواءِ ٻين سمورن صوبن رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، نيٺ سنڌ آخر ۾ ڇو ايندو آهي؟ چيف جسٽس سنڌ جي آفيسرز سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جو صوبو سنڌ سڀ کان پوئتي آهي، اڃا به رپورٽ توهان جي هٿن ۾ آهي، هاڻي اسان ڇا ڪريون؟ اسان ته ڪيس اُڪلائي رهيا آهيو، هي ڪيس 2018ع کان هلي رهيو آهي. سنڌ سرڪار کي نئين گاج ڊئم ٺاهڻ کان ڪير روڪي رهيو آهي؟ جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ۾ چيو ته گاج ڊئم لاءِ وفاق طرفان جاري ڪيل 6 ارب رُپيا به گهوٻين جي نذر ٿي ويا. سنڌ جي آبپاشي کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽر عدالت آڏو فنڊز ۾ گهوٻين جو اعتراف ڪندي چيو ته ائنٽي ڪرپشن کاتي 17 جوابدارن خلاف ڪاررلائي لاءِ اجازت گهري آهي. جنهن تي چيف جسٽس پُڇيو ته ڇا سنڌ جو وڏو وزير ائنٽي ڪرپشن کي ڪارروائي جي اجازت ڏيندو؟ ڊپٽي سيڪريٽري عدالت آڏو چيو ته اها جاچ به وڏي وزير جي حڪم تي ئي شروع ٿي هئي؟ چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ۾ چيو ته اسان جي ملڪ ۾ فصلن جي اُپت لاءِ ڪوبه نظام نه آهي، اهڙا فصل پوکڻ گهرجن، جِن ۾ گهٽ پاڻي استعمال ٿئي. وونئڻ جي جاءِ تي ڪمند جو فصل پوکڻ سان ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي، پاڪستان زرعي ملڪ هجڻ باوجود ڪپهه ٻاهران گهرائڻي پوندي آهي. آبادگار ملز مالڪن جي دٻاءُ ۾ ڪمند جي پوکي ڪندا آهن، آبادگارن کي خوف هوندو آهي ته ڪمند نه پوکيو ته ملز مالڪ زمين ڦٻائي ويندو.