لاهور(م ڊ) 56 ڪمپنيون ٺاهڻ ۽ پگهارن جي خلاف واري ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت کي آفيسرن جون پگهارون وڌائڻ تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. تفصيل موجب 56 ڪپمنيون ٺاهڻ ۽ پگهارون جي خلاف واري ڪيس جي ٻڌڻي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي، ايڊووڪيٽ اظهر صديق عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته صوبائي ڪابينا ويندي ويندي ڪمپنين جي سربراهن جي پگهارن ۾ اضافي جي منظوري ڏني جڏهن ته پنجاب حڪومت کي پگهارن وڌائڻ جو ڪو به اختيار نه هيو. هن وڌيڪ چيو ته آئين ۾ اهڙي ڪمپنيون ٺاهڻ جي اجازت ئي ناهي هي غير قانوني ڪم ڪيئن ڪيو پيو وڃي. اظهر صديق وڌيڪ چيو ته شهباز شريف چوي ٿو ته هن پيسا بچايا عدالت ۾ اعتراف ڪيو ته ڪرپشن ٿي آهي. درخواست تي ٻڌڻي ڪندي لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت جي آفيسرن جي پگهارون وڌائڻ تي نوٽيس جا