اسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس ثاقب نثار بحريا ٽائون جي سربراهه ملڪ رياض کي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ 500 ارب ڏئي ڪيس مان جان ڇڏائڻ جي آڇ ڪري ڇڏي.چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بئنچ سپريم ڪورٽ ۾ جعلي اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ، سردار لطيف کوسا ۽ ٻيا اڳواڻ عدالت ۾ پيش ٿيا.چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جتي هٿ وجهون ملڪ رياض جو نالو اچي وڃي ٿو. هن چيو ته ملڪ رياض ڪراچيءَ ۾ جيڪو ڪري رهيو آهي ڇا اهو جائز آهي. ملڪ رياض چيو ته سڀ ڪجهه سيٽل ڪرڻ چاهيان ٿو توهان حڪم ڪيو. چيف جسٽس چيو ته توهان کي پهريون هڪ هزار ارب جو چيو هاڻي 500 ارب رپيه ڏيو اسان توهان کي صاف ڪيون ٿا، توهان حڪومتون ڪيرائيندا ۽ ٺاهيندا آهيو، توهان چئو ٿا ته توهان کي هڪ پلاٽ جي خبر نه هئي، توهان ملڪ مان ڦريل مال واپس ڪيو، ملڪ رياض چيو ته مان ڪڏهن ڪجهه نه ڪيو آهي. ملڪ رياض چيف جسٽس کي چيو ته توهان منهنجي پٽ علي رياض وارو گهر وٺو چيف جسٽس چيو ته مان مان ڪڏهن توهان کان علي وارو گهر گهريو آهي. ملڪ رياض چيو ته گذريل ٻڌڻي تي توهان ان گهر جو ذڪر ڪيو هو، توهان کي وڌيڪ جيڪو وٺڻو آهي ٻڌائي ڇڏيو.