5 سالن ۾ 50 لک گهر ٺاهڻ هدف آهي: وزيراعظم

اسلام آباد( بيورو) وزيراعظم عمران خان 50 لک گهرن جي تعمير واري رٿا جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو آهي.  وزيراعظم عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته غريب ۽ پگهاردار طبقي لاءِ 5 سالن دوران 50 لک گهر ٺاهڻ جو هدف آهي، 40 انڊسٽريون سڌو سنئون گهر منصوبي سان لاڳاپيل آهن. وزيراعظم چيو ته هڪ ڪروڙ گهرن جي ڊيمانڊ آهي ۽ جيڪڏهن 50 لک جو به مڪمل ڪري ٿا وٺون ته ملڪي گروٿ ريٽ مٿي ويندو. وزيراعظم عمران خان چيو ته گهر منصوبي ۾ حڪومت جو ڪم رڪاوٽون ختم ڪرڻ هوندو ۽ ترقياتي ڪم خانگي سيڪٽر ڪندا ۽ ان منصوبي ۾ غيرسرڪاري تنظيمن کي به شامل ڪنداسين جنهن ۾ ”اخوت“ به شامل آهي، جنهن بي گهرن کي پنهنجو گهر ڏيڻ ۾ زبردست ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم جو چوڻ آهي ته منصوبي لاءِ هڪ اٿارٽي ٺاهينداسين جيڪا 90 ڏينهن اندر منصوبي بابت فريم ورڪ مڪمل ڪندي. وزيراعظم چيو ته فيصلو ڪيو آهي ته اسلام آباد ڪچي آبادين کي هٽائي کين سمورن انساني حقن سان پراپرٽي حق ڏينداسين ۽ 7 ضلعن ۾ پائلٽ پروجيڪٽ هلندو جتي ماڻهن جي رجسٽريشن ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ گهر ٺاهڻ واري اسڪيم انڪري ناڪام ٿينديون آهن جو اڳ ۾ گهر ٺاهيا ويندا آهن ۽ پوءِ ماڻهن کي رهايو ويندو آهي، پر اسان پهريان 60 ڏينهن ۾ رجسٽريشن جي عمل مان گذرنداسين ۽ گهرج موجب گهر تعمير ڪنداسين. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ سان ماڊل تيار ڪري رهيا آهيون، نيشنل ريگوليشن ريگوليٽي 60 ڏينهن ۾ بڻائينداسين جنهن جو ڪم رڪاوٽون دور ڪرڻ هوندو، ڪنسٽرڪشن انڊسٽري جي راستي تان رڪاوٽون به درو ڪيون وينديون. وزيراعظم چيو ته ماڻهو سيڙپڪاري ڪندي ڊڄندا آهن، تنهنڪري اسان لا مسٽري ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ان جو ڊرافٽ به 60 ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو. ذريعن موجب 50 لک گهرن جي منصوبي ۾ نجي شعبي  کي شفاف بنيادن تي شامل ڪيو ويندو جڏهن ته ان منصوبي کي 5 سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. شروعاتي طور پائلٽ پروجيڪٽ جي شروعات 7 ضلعن ۾ ٿيندي، جن ۾ فيصل آباد، ڪوئيٽا، ڊيرا اسماعيل خان، اسلام آباد، گلگت ۽ مظفر آباد شامل آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *