5 ڊسمبر جو جلسو ثابت ڪندو ته پ پ ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت آهي : مڪيش ڪمار چاولا

December 1, 2017 at 3:29 am

ڪراچي (اين اين آءِ) صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته اسلام آباد ۾ پنج ڊسمبر تي پريڊ گرائونڊ ۾ ٿيندڙ جلسو ثابت ڪندو ته پ پ سڀ کان وڏي جماعت ۽ پنهنجي ملڪ ۾ حڪومت ٺاهيندي اها ڳالهه هن خميس تي پنهنجي آفيس ۾ پ پ 50 هين تاسيس تقريبن جي حوالي سان تياري جي متعلق پ پ جي ڪارڪنن سان ڳالهائندي ڪئي، هن چيو ته سنڌ مان وڏي انگ ۾ جمهوريت سان محبت رکندڙ پ پ جا ڪارڪن شامل ٿيندا، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته پ پ جي تاريخ قربانين سان ڀريل آهي ۽ هن پاڪستان جي چئن فوجي آمرن جو نه فقط مقابلو ڪيو پر انهن کي شڪست به ڏني ۽ پارٽي پنهنجي نوجوان سربراه بلاول ڀٽو جي سربراهي ۾ جمهوريت جي رستي تي هلي رهي آهي هن چيو ته پ پ جا ڪارڪن پارٽي جو عظيم سرمايو آهن ۽ پارٽي انهن کي قدر جي نظر سان ڏسي ٿي، هن ڪارڪنن کي درخواست ڪئي ته هو وڏي انگ ۾ پ پ جي تاسيس جي سلسلي ۾ جلسي ۾ شرڪت ڪن ۽ مخالفن جا وات بند ڪن.

اي پيپر