اسلام آباد (م ڊ) حڪومت سان ڳالهيون ڪندڙ پي ٽي آءِ جي ڪميٽي کي نيٺ عمران خان سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ملي وئي، جنهن بعد اپوزيشن ليڊر عمر ايوب، اسد قيصر، صاحبزاده حامد رضا ۽ ناصر عباس راجا اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪميٽي جي ميمبرن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ حڪومت سان ڳالهين کي جڊيشل ڪميشن سان مشروط ڪيو ويو، راولپنڊي ۾ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڪميٽي جي ترجمان ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا چيو ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان ملاقات ڪنٽرول واري ماحول ۾ ٿي، ملاقات دوران عمران خان پنهنجي آزاديءَ جي ڳالهه نه ڪئي، /هو ڪو ايگزيڪيوٽو آرڊر يا اين آر او نٿو چاهي، عمران خان عدالتي فيصلن جي بنياد تي ئي ٻاهر نڪرندو، کيس سزا کانپوءِ ڳالهين جو ماحول سخت ته هوندو پر ڳالهيون جاري رهنديون، پي ٽي آءِ ڪميٽي ڳالهين جي ٽئين دور لاءِ تيار آهي، 2 مطالبا لکت ۾ ڏنا ويندا، پر جيستائين 9 مئي ۽ 26 نومبر واقعن جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن نه ٺهندي، تيستائين حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون، بال حڪومت جي ڪورٽ ۾ آهي ته هو ڳالهين کي انجام تائين پهچائي، اسين پراسيڪيوشن جي ڪردار تي حڪومت سان ڳالهائينداسين، حڪومتي ڪميٽي پنهنجي فيصلي جي صلاحيت ثابت ڪري، چئون ٿا ته هاڻي جيڪڏهن توهان اچو ته عدالتي ڪميشن تي ڪم ڪري اچجو، ، جيڪڏهن 31 جنوري تائين عدالتي ڪميشن نه ٺاهي وئي ته ڳالهيون اڳتي نه وڌنديون، هن چيو ته اسان 9 مئي ۽ 26 نومبر جا ذميوار نه آهيون، ٻنهي واقعن جي جاچ لاءِ غيرجانبدار ڪميشن جوڙي وڃي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 31 جنوري جي تاريخ وڌائڻ جو فيصلو پي ٽي آءِ باني ئي ڪندو، اسان وٽ ڳالهين جي تاريخ وڌائڻ جو اختيار ناهي، اين آر او عمران خان نه پر حڪومت گهري رهي آهي، اسد قيصر چيو ته پنهنجي ليڊر سان ملاقات ڪرڻ تي خوشي ٿي آهي، ٻي پاسي قومي اسيمبلي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسپيڪر جي پيغام کانپوءِ حڪومت اڊيالا جيل ۾ ڳالهين واري ڪميٽي جي ملاقات جو بندوبست ڪيو، ان کان اڳ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب ۽ اسد قيصر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان ٽيليفون تي رابطو باني سان ملاقات جي درخواست ڪئي، اياز صادق ٻنهي اڳواڻن جي پيغام کان حڪومت کي آگاهه ڪيو، هوڏانهن خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور به عمران خان سان ملاقات لاءِ مڪمل سرڪاري پروٽوڪول سان اڊيالا جيل پهتو.