30 جون تائين ڪورونا وائرس جا ڪيس 3 لک بدران سوا 2 لک ٿي ويندا:اين سي او سي سربراهه

اسلام آباد(بيورو) منصوبابندي واري وفاقي وزير ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته 30 جون تائين ڪورونا وائرس جا ڪيس 3 لک بدران سوا 2 لک ٿيندا.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته ماهرن اندازو هنيو هو ته جيڪڏهن حفاظتي تدبيرن تي عمل نه ڪيو ويو ته 30 جون تائين ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 3 لک ڪيس ٿي پئي سگهيا.پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي هن چيو ته اڄ صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺڻ کان پوءِ لڳي ٿو ته ڪيسن جو انگ 30 جون تائين سوا 2 لک يا ان کان به گهٽ هوندو جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته جيڪڏهن سب ماڻهو صحيح ڪم ڪن ۽ پنهنجي انفرادي ذميواري پوري ڪري ۽ حڪومت پنهنجي گڏيل ذميواري ادا ڪري ته وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ ۾ ڪاميابي ملي سگهي ٿي.اسد عمر چيو ته 30 مئي تي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کان جاري هدايتن ۾ ماسڪ پائڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو هو.هن چيو ته ايجنسيز جي ذريعي به ڪورونا وائرس بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي آهي ۽ اِهو نظر پيو اچي ته ڪيترائي ماڻهو حفاظتي قدمن تي عمل ڪري رهيا آهن ۽ سمورن صوبن ۾ باقاعده انتظامي ڪارروائي به ڪئي وئي آهي.اسد عمر چيو ته ملڪ ۾ مئي جي وچ کان اسمارٽ لاڪ ڊائون شروع ٿي ويو هو، 4 جون کان ان مهم ۾ تيزي آئي هئي ۽ 14 جون تي اسان 20 وڏن شهرن ۾ هاٽ اسپاٽس يعني اُهي علائقا جتي وبا جو پکڙجڻ تيز هو، جي نشاندهي ڪئي ۽ پوءِ صوبن پنهنجا بندوبست ڪيا.وفاقي وزير چيو ته هي حڪومت قدم آهي پر گڏوگڏ ئي جڏهن ڪيس وڌيا ته ماڻهن ۾ به احساس ذميواري آيو ۽ هن سماجي فاصلو رکڻ، هٿ ڌوئڻ ۽ ماسڪ پائڻ جي حوالي سان احتياط ڪرڻ شروع ڪيو.پنهنجي ڳالهه جاري رکندي هن چيو ته ان جي ڪري اسان کي وائرس جي پکڙجڻ ۾ جيڪو خطرو نظر پئي آئي ان ۾ بهتري نظر آئي پر ان جو مطلب اِهو ناهي ته خطرو ٽري ويو آهي پر ياد ڪرائڻو آهي ته جيڪڏهن اسان صحيح بندوبست ڪنداسين ته الله تعاليٰ محفوظ رکندو پر نه ڪنداسين ته حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون.اسد عمر چيو ته هڪ هفتي کان پوءِ اسان انهن قدمن جو جائزو وٺي انهن کي برقرار رکڻ يا ان ۾ بهتري ۽ 31 جولاءِ تائين امڪاني صورتحال بابت ٻڌائينداسين.منصوبابندي واري وزير چيو ته اِهو هر شخص جي اختيار ۾ آهي ته قوم طور جيڪڏهن اسان ڊاڪٽرن جي هدايتن تي عمل ڪنداسين، ماسڪ پائينداسين ۽ فاصلو رکنداسين، هٿ ڌوئنداسين ته مرض جو پکڙجڻ اهڙو نه هوندو جتي اسان جي صحت جو نظام مفلوج ڪري ڇڏي.هن چيو ته 2 هفتا اهڙا آيا هئا ته وڏي شهرن جي وڏين اسپتالن تي دٻاءُ گهڻو وڌي ويو هو ان سان گڏوگڏ ئي اسان فيصلو ڪيو هو ته وفاقي حڪومت جون جي آخر تائين اسپتالن ۾ سڌا سنوان 1 هزار آڪيسجن بيڊ فراهم ڪندي ۽ جولاءِ تائين 2 هزار کان وڌيڪ بسترن جي واڌ ڪئي ويندي جنهن تي عمل ڪيو پيو وڃي.وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته صحت نظام ۾ ڪم ڪندڙ ورڪرز، نرسز، پيراميڊيڪس ۽ ڊاڪٽر جيڪي اسان جي لاءِ ايتري ڏکئي وقت ۾ بيٺا آهن، قوم جي خدمت ڪري رهيا آهيون، ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته بيمار ماڻهن جو هر ممڪن علاج ڪيو وڃي ۽ طبيعت وڌيڪ بگڙڻ کان بچايو وڃي ته اِها اسان جي به ذميواري بڻجي ٿي ته جو هو اسان جي لاءِ بيهن ته اسان به احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون.ا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *