ڪراچي (بيورو): عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪڏهن فيصلو انهن جي خلاف اچي ته انهن کان وزيراعظم هائوس خالي ڪرايو وڃي، قوم جي سامهون اچي نواز شريف ٻڌائي ته ڪير سازش ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وزيراعظم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسيمبلي ختم ڪرڻي آهي يا عهدي تان هٿ کڻڻو آهي، شيخ رشيد چيو ته 3 ڏينهن ۾ رپورٽ اچڻي آهي ۽ اڃا تائين ڪا مني ٽريل ناهن ڏئي سگهيا، هڪ سياسي جماعت به نواز شريف سان گڏ نه بيٺي، هن چيو ته نواز شريف جا حليف به ساٿ ڇڏي ويا آهن، تحريڪ استقلال وقت هي ڪائونسلر به نه پئي بڻجي سگهيا، شيخ رشيد چيو ته اٺ هفتن اندر اندر پاڪستان جو اهم ترين فيصلو ايندو، عام چونڊن کان اڳ پي ايس پي ۽ ايم ڪيو ايم کي گڏ ڏسان پيو.