3نومبر تي لکين ماڻهو گڏ ٿي دُنيا کي پيغام ڏيندا ته سنڌ هڪ آهي:قادر مگسي

ملير (رپورٽر) ڪراچي سنڌ آهي جي عنوان سان نڪتل ايس ٽي پي جو امن مارچ منزل ڏانهن روان دوان آهي، ملير جي پپري علائقي ۾ مارچ کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي سربراهه چيو آهي ته 3 نومبر تي لکين ماڻهو گڏ ٿي دُنيا کي پيغام ڏيندا ته سنڌ هڪ آهي ۽ ڪراچي سنڌ جي دل آهي. حيدرآباد کان نڪتل ايس ٽي پي جو امن مارچ ”ڪراچي سنڌ آهي“ ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻيءَ ۾ رات دير سان ملير پهتو، جتي رات گذرڻ باوجود مارچ ۾ شامل قافلو منزل ڏانهن روانو ٿيو. پپري واري علائقي ۾ مارچ جي قافلي کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي سربراهه چيو ته سنڌ جو عوام ڪڏهن به صوبي جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏيندو، مارچ ذريعي پيغام ڏنو ويندو ته سنڌ هڪ آهي ۽ ڪراچي سنڌ جي دل آهي. هُن چيو ته صوبن جي حدن ۾ ڦيرڦار لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي کان منظوريءَ وارو حق کسڻ جي حوالي سان متحده طرفان قومي اسيمبلي ۾ بِل پيش ڪيو ويو، ان کي سنڌ جي عوام سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪوبه ماڻهو سنڌ جي خلاف سازش برداشت نه ڪندو. 3 نومبر تي ڪراچي جي ڦوهارا چوڪ تي لکين ماڻهو اهڙو پيغام ڏئي دُنيا کي ٻڌائيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *