اسلام آباد(بيورو): سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ ڪنسٽرڪشن ڪمپني ٺاهي مبينه ملي ڀڳت سان اربين رپين جي ملڪيت ٺاهيندڙ ملزم طرفان ضمانت جي داخل درخواست رد ڪري ڇڏي جنهن تي ملزم محمد اخلاق ميمڻ کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻڌڻي دوران عدالت ڪاوڙ جوا ظهار ڪندي چيو ته بااثر ملزم کي ٻن سالن تائين عبوري ضمانت تي رکيو ويو، ڇا عدالتن مان غريبن کي عبوري ضمانت ملي ٿي؟ انصاف جي نظام تي آڱريون کڄي رهيون آهن. ملزم تي اربين رپين جي ملڪيت ڪروڙين رپين ۾ حاصل ڪرڻ جو الزام هو، هن تين تلوار واري علائقي ۾ اربين رپين جو پلاٽ ٦۰ ڪروڙ رپين ۾ خريديو پر ۴ ڪروڙ ۸۰ لک رپيا جمع ڪرائي پلاٽ پنهنجي نالي تي ڪرائي ورتو جنهن تي نيب ان خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو. جوابدار جي وڪيل لطيف کوسي موقف اختيار ڪيو ته ملزم پهريان ئي عبوري ضمانت حاصل ڪري چڪو آهي ان ڪري استدعا آهي ته سپريم ڪورٽ به منهنجي اصيل جي عبوري ضمانت منظور ڪري وٺي، جنهن تي قاضي فائز عيسيٰ کيس چيو ته جيڪڏهن عدالت ملزم کي عبوري رليف ڏنو ته هي شايد ايندڙ عيد تائين به پيش نه ٿئي، هن ملڪ ۾ وزيراعظم، وڏا وزير ۽ ٻيا وڏا ماڻهو جيل وڃي چڪا آهن، اوهان جو اصيل به هليو وڃي ته ڪا ڳالهه ناهي، پر اصل ڳالهه اها آهي ته نيب جا ڏند ۽ ڪٽڻ واري ڇري مڏي ٿي چڪي آهي