”اسان هر قسم جي جنگ لاءِ تيار آهيون“ چين جو آمريڪا کي سخت پيغام

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته اسان ڪنهن به قسم جي جنگ لاءِ مڪمل تيار آهيون.
اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي، جڏهن آمريڪي صدر طرفان چين تي وڌيڪ واپاري ٽيڪس لاڳو ڪيا ويا آهن.
ٽرمپ جي فيصلي جي جواب ۾ چين به آمريڪي زرعي شين تي 10 کان 15 سيڪڙو تائين واڌو ٽيڪس لاڳو ڪيا آهن.
واشنگٽن ۾ قائم چيني سفارتخاني سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا جنگ چاهي ٿو ته اسان آخر تائين وڙهڻ لاءِ تيار آهيون، ڀلي اها ٽيڪسن جي جنگ هجي، واپاري جنگ هجي يا ٻئي ڪنهن قسم جي جنگ.
پرڏيهي ميڊيا موجب چين طرفان ٽرمپ جي صدارتي دور ۾ اهو هيل تائين جو سڀ کان سخت بيان سمجهيو پيو وڃي.