ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) دنيا جو سڀ کان وڏي عمر وارو اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر رون ڊريپر 98 ورهين ۽ 63 ڏينهن جي ڄمار ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ وفات ڪري ويو.
رون ڊريپر اڱاري ڏينهن گيڪيبرها جي هڪ ريٽائرمينٽ هوم ۾ آخري ساهه کنيو، جڏهن ته سندس گهر ڀاتين اڄ سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، رون ڊريپر هڪ ٽاپ آرڊر بيٽر ۽ وڪيٽ ڪيپر هو، جنهن 1950ع ۾ آسٽريليا خلاف ڏکڻ آفريڪا جي نمائندگي ڪندي 2 ٽيسٽ ميچون کيڏيون.
سندس لاڏاڻي کان پوءِ هاڻي آسٽريليا جو 96 ورهين جو نيل هاروي سڀ کان وڏي عمر وارو زنده ٽيسٽ ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي.
دنيا جو سڀ کان جهونو ڪرڪيٽر لاڏاڻو ڪري ويو
