نیشنل

پاڪستان ۾ پهريون روزو ڪڏهن ٿيندو؟ تاريخ سامهون اچي وئي

پاڪستان ۾ پهريون روزو ڪڏهن ٿيندو؟ تاريخ سامهون اچي وئي
  • PublishedMarch 1, 2025

پشاور(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ رمضان جو چنڊ نظر نه آيو، جڏهن ته پهريون روزو ٻه مارچ آچر جي ڏينهن ٿيندو.
رمضان جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس اوقاف هال چيئرمين مولانا عبدالخيبر آزاد جي صدارت هيٺ ٿيو.
پنجاب جي زونل ڪميٽي موجب لاهور ۾ رمضان جو چنڊ نظر اچڻ جي ڪا به شاهدي نه ملي، جنهن بابت مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو آهي.
زونل چنڊ ڏسڻي ڪميٽي ڪوئيٽا به ٻڌايو ته بلوچستان جي ڪنهن به شهر مان چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي نه ملي آهي.
ڪراچي ۾ پڻ زونل ڪميٽي کي چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي نه ملي.
ذريعن مطابق اسلام آباد جي زونل ڪميٽي کي به اڃا تائين ڪا شاهدي نه ملي آهي.
ٻئي پاسي موسميات کاتي موجب ملڪ ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جو امڪان ناهي.
موسميات کاتي موجب، چنڊ اڄ صبح 5 وڳي 44 منٽن تي پيدا ٿيو، جڏهن ته چنڊ جي نظر اچڻ لاءِ ان جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 16 کان 18 ڪلاڪ هجڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ ڪڪر موجود آهن، جڏهن ته بلوچستان ۽ پنجاب ۾ موسم صاف آهي.
سپارڪو موجب، چنڊ 5:44 تي پيدا ٿيو، غروب آفتاب وقت ان جي عمر صرف 12 ڪلاڪ هوندي، ۽ گهٽ بلندي ۽ فاصلي سبب اڄ نظر اچڻ مشڪل آهي.
سپارڪو جي ترجمان ٻڌايو ته چنڊ ۽ سج جو زاويائي فاصلو 7 درجا آهي، تنهن ڪري اهو انساني اکين سان ڏسڻ ممڪن ناهي. پاڪستان ۾ رمضان المبارڪ 2 مارچ 2025 کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
سپارڪو موجب، سعودي عرب ۾ 28 فيبروري تي رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جو امڪان آهي.
ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته شوال جو چنڊ 30 مارچ تي نظر اچڻ جو امڪان آهي، جنهن موجب عيدالفطر 31 مارچ تي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته رمضان جي چنڊ بابت حتمي فيصلو رؤيت هلال ڪميٽي ڪندي.

Written By
mi77i

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *