نیشنل

ملڪ ۾ چار مارچ تي پيٽرول پمپ بند ٿي ويندا؟ عوام لاءِ اهم خبر

ملڪ ۾ چار مارچ تي پيٽرول پمپ بند ٿي ويندا؟ عوام لاءِ اهم خبر
  • PublishedMarch 1, 2025

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)آل پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن 4 مارچ تي سڄي ۾ پيٽرول پمپس بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان پريس ڪانفرنس ڪندي هڙتال کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته 4 مارچ جي هڙتال سان سندن ڪو واسطو ناهي.
هن جو چوڻ هو ته پيٽروليم ڊيلرز کي رمضان ۾ عوام کي تڪليف نه ڏيڻ گهرجي ۽ هو پيٽروليم شين جي ڊي ريگوليشن خلاف آهن.
چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊي ريگوليشن کانپوءِ سمگل ٿيل تيل جي وڪري ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته پيٽروليم وزارتسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڪو به قدم نه کنيو آهي.
هن ٻڌايو ته گذريل 3 سالن کان ڊي ريگوليشن جون ڪوششون ٿي رهيون هيون، هڙتال جي ڌمڪي ڏني وئي ته کين اسلام آباد سڏايو ويو، جتي هن انڪار ڪيو ۽ ڌمڪين باوجود پوئتي نه هٽيو.
عبدالسميع خان خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڊي ريگوليشن لاڳو ڪئي وئي ته پيٽرول پمپس بند ڪيا ويندا.

Written By
mi77i

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *