شرجيل ميمڻ پاران صحافي تشڪيل سنديلو جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

شرجيل ميمڻ پاران صحافي تشڪيل سنديلو جي روڊ حادثي ۾ لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ صحافي تشڪيل حيدر سنديلوجي روڊ حادثي ۾ وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ طرفان مرحوم صحافي جي وارثن سان تعزيت ڪندي چيو ويو آهي ته هو ڏک جي هن گهڙي ۾ تشڪيل سنديلو جي ڪٽنب سان گڏ آهن.
صوبائي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.