آج کی خبر

سنڌ ۽ بلوچستان بعد پنجاب مان به ماڻهو کنڀجن پيا، حڪمران عوام کي غلام سمجهن ٿا\ساڃاهه وند

سنڌ ۽ بلوچستان بعد پنجاب مان به ماڻهو کنڀجن پيا، حڪمران عوام کي غلام سمجهن ٿا\ساڃاهه وند
  • PublishedMarch 1, 2025

ڪراچي (رپورٽر ). انساني حقن جي ڪميشن جي چيئرمين اسد اقبال بٽ چيو آهي ته ڪتاب انساني حقن جي ارتقا ۽ تصور هڪ ناياب ڪتاب آهي، پارليامينٽ ۾ جڏهن سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي بدران مزدورن ۽ هارين جا نمائندا چونڊجي ايندا ته پوءِ هتي حقيقي عوامي جمهوريت قائم ٿيندي. ملڪ ۾ انساني حقن جي صورتحال بدترين آهي، بلوچستان، سنڌ، ڪي پي ڪي بعد پنجاب مان به سياسي ڪارڪن ۽ سماجي اڳواڻ، شاعر ۽ صحافي کنڀي گم ڪيا پيا وڃن، هن اها ڳالهه ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ انساني حقن جي اڳواڻ، ليکڪ ڊاڪٽر توصيف احمد ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عرفان عزيز جي گڏيل تحقيقي لکيل ڪتاب ” انساني حقن جي ارتقا ۽ تصور” جي  مهورتي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڪئي. هن چيو ته جن گڏيل هندستان ۾ برطانوي فوج جي حصي طور آزاديءَ پسندن مٿان ڪيس داخل ڪري گوليون هلايون ملڪ ٺهڻ بعد اهي قابض ٿي ويا ۽ اڄ به هو ملڪ جي عوام کي پنهنجو غلام سمجهن ٿا، انساني حق انهن جي آڏو اهميت نه ٿا رکن. ترقي پسند ليکڪ ڊاڪٽر جعفر احمد چيو ته پاڪستان جي نصاب ۾ انساني حقن جي تعليم موجود نه آهي، جيڪا شامل ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ۽ انساني حقن جي تعليم کي خطي، مذهب جي سانچن ۾ ورهائي نه ٿو سگهجي، انساني حقن جي تعليم لاءِ رياست جو سيڪيولر هجڻ ضروري آهي. ڪتاب جي ليکڪ ڊاڪٽر توصيف احمد چيو ته پاڪستان جو آئين جمهوري آئين نه آهي، جنهن ۾ رياست جي شهرين کي فرقي ۽ مذهب جي بنياد تي ورهايو ويو آهي، اسان جي اعلي تعليمي ادارن ۾ انساني حقن جي تعليم کي ڀائرن ڀينرن ۽ پاڙيسري جي حقن تائين محدود ڪيو ويو آهي. صحافي ۽ ليکڪ سهيل سانگيءَ چيو ته سوويت يونين جي سوشلسٽ انقلاب ڪري ڪيترائي ملڪ آزاد ٿيا ۽ انساني حقن جي جدوجهد پائيدار ٿي ۽ سرمائيدار ملڪن ۾ مزدورن جي حقن جا قانون ٺهيا. ليکڪ ڊاڪٽر رياض شيخ چيو ته سرمائيدارن جو سربراهه ٽرمپ انساني حقن کي نه ٿو مڃي ۽ غذا تي وڌيڪ قبضو ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي آهي. اسان کي انساني حقن جي تحريڪ ۾ هارين جي جي جدوجهد کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ۽ ڪراچي ۾ ڊي ايڇ اي جي حصن تي ڦورن جي نالن جي جاءِ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ٻين شخصيتن جا نالا رکيا وڃن. عورتن جي حقن جي اڳواڻ مهناز رحمان چيو ته ڊاڪٽر توصيف احمد ۽ ڊاڪٽر عرفان وڏي تحقيق بعد اهو ڪتاب لکيو آهي، جنهن تي کين پي ايڇ ڊي، جي ڊگري ملڻ گهرجي، ڪتاب جي ٻي ليکڪ ڊاڪٽر عرفان عزيز چيو ته پاڪستان جي تعليمي ننڍن توڙي ادارن جي نصاب ۾ انساني حقن جي تعليم نه ٿي پڙهائي وڃي.

. پبلشر ۽ مزدور اڳواڻ مير ذوالفقار علي چيو ته ڪتاب انساني حقن جي ارتقا ۽ تصور هڪ جامع ڪتاب آهي، ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي ۽ انصاف پسند معاشري جي قيام لاءِ هي ڪتاب شاگردن شاگردياڻين ۽ عام ماڻهو کي ضرور پڙهڻ گهرجي،ڇو ته پاڪستان انساني حقن جي صورتحال ۾ پوئتي آهي، هتي ادارن جو قبضو آهي، شهري کنڀي گم ڪيا وڃن ٿا ۽ سياستدان به انهن ادارن جي مدد ڪن ٿا، ان لاءِ هن قسم جا ڪتاب انساني حقن جي شعور ڦهلائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. پروگرام ۾ روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد ڊاڪٽر جبار خٽڪ، وڪيل ۽ سياسي اڳواڻ خالق جوڻيجو، منظور رضي، پنجابي ٻولي جو شاعر توقير چغتائي ۽ ٻيا موجود هئا.

Written By
mi77i

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *