2020 خطرناڪ سال آهي، ڪيترائي ماڻهو تبديل ۽ ڪيترائي نوان ماڻهو ايندا:منظور وساڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ته 2020 خطرناڪ سال آهي، ڪيترائي ماڻهو تبديل ۽ ڪيترائي نوان ماڻهو ايندا، نواز شريف جي واپسي جلد ممڪن ناهي پر هو واپس ضرور ايندو.تفصيل موجب پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ نئين سال ۾ تبديلي جي سج جو خواب ڏٺو، ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2020ع خطرناڪ سال آهي، ٽوئنٽي 20 هونئن به خطرناڪ هوندي آهي، سال 2020ع ۾ ڪيتريون ئي تبديليون سامهون اينديون، ڪيترائي ماڻهو تبديل ۽ ڪيترائي نوان ماڻهو ايندا.نواز شريف جي حوالي سان منظور وساڻ جو چوڻ هو ته نواز شريف جي واپسي جلد ممڪن ناهي پر هو جلدي واپس ايندو، هو 2020ع ۾ وطن واپس ايندو.پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته آصف زردساري جو ڪيس سنڌ جو آهي، جلدي ٻاهر وڃڻ جي لاءِ تيار ناهيون، سنڌ ۾ ڪيس جو منتقل ٿيڻ ڏاڍو ضروري آهي، زرداري صاحب جي طبيعت حقيقت ۾ خراب آهي، هڪ کي ريليف ڏنو آهي ته ٻين کي به ملڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته  سختيون نيون ناهن، پهرين به جيل وڃي قربانيون ڏنيون آهن، بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ پ پ عوام جي لاءِ آواز اٿاريندي، اسان جي ٽوئنٽي 20 ۾ فتح ٿيندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *