نوشهروفيروز (ڊ ر) سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد جي ڊي اي جو نوشهروفيروز ڀرسان سڌوجا ۾ طاقت جو مظاهرو، لکين ماڻهن جي شرڪت، نواز ،زرداري دوستيءَ ملڪي ادارن جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي حڪمرانن جو ڪم جج ڪري رهيا آهن پاڳاري ۽ ٻين اڳواڻن جو خطاب. تفصيل موجب نوشهروفيروز ۽ مورو جي وچ تي سڌوجا ۾ سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس پاران طاقت جو مظاهرو ڪندي هڪ وڏو جلسو منعقد ڪيو ويوجنهن ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي جلسي کي خطاب ڪندي حرن جي روحاني پيشوا ۽ الائنس جي سربراهه پير سائين پاڳاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته زرداري ايندڙ وزير اعظم پنهنجو آڻڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي جيڪا پارٽي پنجاب جي هڪ تڪ تي 2500 هزار ووٽ کڻي ٿي ان جو وزيراعظم ڪيئن ٿو ٿي سگهي ۽ زرداري صاحب اها ڳالهه ٿو ڪري ته جي ڊي اي جي الائنس ۾ اهي ماڻهو ويٺل آهن جيڪي هڪ ڪائونسلري جي سيٽ به نٿا کڻي سگهن ان ڳالهه جي ڪري مان زرداري کان پڇان ٿو ته هو جڏهن نوابشاهه مان ڪائونسلري جي چونڊ وڙهيو هو ته ان وقت پاڻ اليڪشن هاري ويو هو هاڻي 2013 وارو دور ناهي جڏهن اسان جون کٽيل سيٽون هارائي هٿ سان نتيجا تبديل ڪري سنڌ ۾ پ پ کي حڪومت ٺاهڻ جو موقعو ڏنو ويو 2018 ۾ پ پ جي سڄي ملڪ جيان سنڌ مان به تڏا ويڙهه ڪري ڇڏينداسين هن چيو ته زرداري نواز دوستي ٻنهي پارٽين ۽ ملڪي ادارن کي تباهه ڪيو آهي حڪمرانن جا ڪم عدليا ڪري رهي آهي ۽ اهو به مڃڻو پوندو ته پنجاب ۾ ڪجهه ترقي ٿي آهي پر سنڌ ۾ ترقي جي نالي تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي ۽ ڏائڻ وانگر هڪ گهربه ناهي ڇڏيو ويو اهڙا حڪمران هاڻي سنڌ ۾ حڪمراني نه ڪري سگهندا جلسي کي خطاب ڪندي وفاقي وزير ۽ اين پ پ جي سربراهه غلام مرتضيٰ خان جتوئي چيو ته جي ڊي اي جو اتحاد سنڌ مان ڪرپشن جو خاتمون ڪرڻ چاهي ٿو ۽ لکين ماڻهن جي هيڏي جلسي کي ڏسي اسان جا حوصلا بلند ٿي ويا آهن هن چيو ته سنڌ ۾ هر طرف بربادي نظر اچي ٿي روڊ رستا تباهه ٿي ويا آهن ۽ آبادگارن جو اهڙو استحصال ڪيو ويو آهي جنهن جو مثال ماضي ۾ نٿو ملي اسان جي سياست ڪاروبار ي سياست نه پر عوام جي خدمت ڪرڻ واري سياست آهي جلسي کي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزار خطاب ڪندي چيو ته مان اڳ چئي چڪو آهيان ته رائو انوار زرداري جو فيوريٽ قاتل آهي جنهن جي حڪم سان هو ڪافي ماڻهو قتل ڪري چڪو آهي ۽ سندس جي باري ۾ زرداري جي واتان اندر جي ڳالهه نڪري وئي ته رائو انوار بهادر ماڻهو آهي پر زرداري اها ڳالهه واپس وٺي اهو چيو ته اها ڳالهه مون کان نڪري وئي هئي. اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ملڪ کي 70 سيڪڙو گيس 68 سيڪڙو پيٽرول 70 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري ٿي ان جي بدلي ۾ سنڌ جي عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پرو گرام جي رحم ڪرم تي ڇڏي غربت ۽ مفلسي ۾ هٿ سان واڌارو ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري سنڌ اندر لکين بيروز گار نوجوان هٿن ۾ ڊگريون کڻي روزگار جي لاءِ دربدر لڳا پيا آهن پ پ پنهنجي 10 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ جي ڪهڙي ضلعي ۾ ڪا اهڙي انڊسٽري نه لڳائي آهي جنهن سان ماڻهن کي روزگار ملي هنن هٿ سان ماڻهن کي خيرات جا پيسا ڏئي ان تي حيرائي ڇڏيو آهي ۽ باقي جيڪي نوڪريون ڏنيون آهن انهن تي به جيالن ماڻهن کان لکين رپيا وصول ڪيا آهن وفاقي وزير صدرالدين شاهه چيو ته اسان سنڌ جي عوام کي متبادل قيادت ڏني آهي جنهن تي اعتماد ڪري سنڌ مان لٽ مار ڪندڙن مان نجات حاصل ڪئي وڃي هن چيو ته اڄ نوشهروفيروز ۾ جي ڊي اي جي جلسي ۾ عوامي موٽ مان اها اميد پيدا ٿي پئي آهي ته پ پ جا سنڌ مان بسترا گول ٿيندا سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته فوج ۽ عدليا سان وڙهي نواز شريف بي عقلائي وارو ڪم ڪري رهيو آهي ادارن سان اهڙو ٽڪراءُ ملڪي فائدي ۾ ناهي اڳوڻي وڏي وزير ارباب رحيم چيو ته زرداري ان خوش فهمي ۾ آهي ته کيس هن ڀيري به سڄي سنڌ ڏني ويندي پر پ پ جو سنڌ ۾ ڪرپشن جي ڪري جيڪو ٻيڙو غرق ڪيو ويو آهي ان جو نتيجو هو 2018 جي اليڪشن ۾ ڏسندا جڏهن ته ان موقعي تي جلسي کي سيد ظفر علي شاهه،سڍصفدر عباسي،شهر يار خان مهر،ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ،نصرت سحر عباسي ،مسرور احمد جتوئي ،مخدوم فضل حسين ،عاقب خان جتوئي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.