2018 ۾ سپريم ڪورٽ سڄو ڌيان تعليم ۽ صحت تي هوندو: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته سال 2018 ۾ سپريم ڪورٽ جو ڌيان صحت ۽ تعليم تي هوندو. سپريم ڪورٽ ۾ وڻن جي واڍ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته سڀ مليل آهن، عدالتي حڪم تي عمل ناهي ٿيندو، انتظاميا هجي يا ڪو ٻيو هاڻ سڀني کي اسان جي حڪم تي عمل ڪرڻو پوندو. ثاقب نثار وڌيڪ چيو ته عدالت جي متحرڪ ٿيڻ کان پوءِ سڀ متحرڪ آهن، 2018 ۾ سپريم ڪورٽ ڌيان صحت ۽ تعليم تي هوندو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس مائننگ ڊپارٽمنٽ پنجاب جي چيف انسپڪٽر کان هڪ ڪلاڪ ۾ 15 ڏينهن جي ڪارڪردگي رپورٽ طلب ڪئي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪيستائين اسان رڳو واعدا ڪنداسين ۽ ڪيستائين ماڻهو اسان کي پنهنجا واعدا ياد ڏياريندا؟  ٻڌڻي دوران اها ڳالهه به منظر تي آئي ته خيبرپختونخواهه صوبي ۾ جهنگ واري کاتي جي زمينن کي غير قانوني طور تي ليز ڪرڻ جون ڪيتريون ئي شڪايتون آهن. رپورٽن موجب سيدو شريف ڀرسان مالم جبه ۾ جهنگلات واري کاتي جي 275 ايڪڙ زمين غير قناوني طور تي ليز ڪئي وئي. سرڪاري رڪارڊ ۽ ذريعن موجب سياسي شخصيتن ۽ بيوروڪريسي جنگلات کاتي جي محفوظ زمين پرائيويٽ ڪمپني سيمسن کي 33 سالن لاءِ ليز ڪرڻ واري معاملي تي چشم پوشي ڪئي  ۽ ان زمين تي چيئر لفٽ ۽ اسڪيئنگ ريزورٽ جي تعمير ۾ قاعدن ۽ ضابطن کي نظرانداز ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *