2018 جون چونڊون نون چونڊ سڌارن تحت ٿينديون: اسحاق ڊار

اسلام آباد (بيورو): ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته چونڊ سڌارا ڪميٽي جو اڄوڪو اجلاس مثبت رهيو، جن نڪتن تي اتفاق نه ٿي سگهيو، انهن تي سڀاڻي ذيلي ڪميٽي غور ڪندي، چونڊ سڌارا ڪميٽي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ذيلي ڪميٽي بجيٽ کان اڳ پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي‏، هن چيو ته بجيٽ کان اڳ رپورٽ کي حتمي شڪل نه ڏئي سگهجي ته فوري پوءِ پيش ڪئي ويندي، اليڪشن بل 2017 تي ذيلي ڪميٽي پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، 2018 جون چونڊون نون چونڊ سڌارن تحت ٿينديون، چونڊ سڌارن جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *