2018 بعد لوڊشيڊنگ نه هوندي، اسان جو ڪم ڪوڙن الزامن کي ڌوئي ڇڏيندو: نواز شريف
May 26, 2017 at 5:12 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ساهيوال (مانيٽرنگ ڊيسڪ): وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ساهيوال ڪول پراور پراجيڪٽ رڪارڊ 22 مهينن ۾ مڪمل ڪيو، 22 مهينن ۾ ايڏو وڏو منصوبو مڪمل ڪرڻ تمام غير معمولي ڪم آهي، ساهيوال ڪول پاور پراجيڪٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پنجاب يا ملڪ ۾ ڪوئلي جو هي واحد منصوبو ناهي، چين ۽ پاڪستان جي انجنيئرز لاءِ هي وڏي ڪاميابي آهي، ڀکي پاور پلانٽ جو به ڪجهه عرصو اڳ افتتاح ڪيو، سي پيڪ تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۾ چيني سفير جو ڪردار تعريف جوڳو آهي، هن چيو ته شهباز شريف اوهان کي مبارڪون اوهان هيرو آهيو،اقتدار ۾ آياسين ته ٽي وڏا چئلينجز سامهون هيا، اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته منصوبي تي نوجوان انجنيئرز ڪم ڪيو، هن چيو ته دهشتگردي ختم ٿي رهي آهي، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو، ساهيوال پاور پلانٽ 660 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي، اقتدار ۾ آياسين ته توانائي جي بحران ۽ دهشتگردي جا چئلينجز هيا، هن چيو ته ساهيوال پاور پراجيڪٽ سان 1320 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي، پنجاب اسپيڊ ئي اصل ۾ مسلم ليگ (ن) اسپيڊ آهي، ملڪ مان توانائي بحران ختم ٿي رهيو آهي، وزيراعظم نواز شريف چيو ته 2019 جي شروعات ۾ 10 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ڪنداسين، صنعتن لاءِ گئس جي لوڊشيڊنگ نه پئي ڪئي وڃي، رڳو بجلي جي فراهمي نه، بجلي جي قيمت به گهٽ ڪنداسين، ساهيوال پاور ڪول پراجيڪٽ مان حاصل بجلي جي قيمت به تمام گهٽ هوندي، نواز شريف چيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، دهشتگردي جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۾ گيم چينجر جي حيثيت رکي ٿو، سي پيڪ ذريعي 56 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، ملتان، لاهور موٽر وي ايندڙ سال مڪمل ڪيو ويندو، ملتان کان موٽر کي کي ڪراچي تائين جوڙيو پيو وڃي، تربيلا ذريعي وڌيڪ 1300 ميگا واٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي، هن چيو ته چين جي قيادت کي ون بيلٽ ون روڊ منصوبي تي مبارڪون ڏيان ٿو، سي پيڪ جي مڪمل ٿيڻ ۾ چيني سفير جي ڀرپور توجهه تي ٿورائتو آهيان، وزيراعظم نواز شريف چيو ته 2018 بعد لوڊشيڊنگ نه هوندي، افسوس هتي ماڻهو منصوبن جا پئسا کائي ويندا آهن، منصوبا ويهه سالن ۾ مڪمل ٿيندا آهن، اڌ پئسو کاڄي ويندو آهي، اسلام آباد موٽر وي پهرين کان بهتر موٽر وي بڻجي چڪو آهي، هن چيو ته 1999 ۾ بڻجندڙ موٽر وي 21 ارب رپين ۾ بڻيو هو، هن وقت لاهور اسلام آباد موٽر وي جي ويليو 350 ارب رپيا آهي، اسان جي وڃڻ بعد اسلام آباد موٽر وي کي ڪنهن ناهي پڇيو، ڪوئي ٻڌائي سگهي ٿو موٽر وي کي لاهور کان ڪراچي ڇو نه پهچايو ويو، هتي روايت آهي 4 سالن جا منصوبا 40 سالن ۾ به مڪمل ناهن ٿيندا، اڄ بهتان بازي وارا ماڻهو ويٺل آهن، ڪوئي جواب ڏيندو پاڪستان ۾ بجليءَ جو بحران ڇو ٿيو، هن چيو ته جيڪڏهن الله نه ڪري اسان جي حڪومت ڪرپٽ هجي ها ته ڇا اهي منصوبا ان طرح بڻجن ها، ڇا پاڪستان جي موٽر وي ان طرح بڻجي ها، جيڪڏهن حڪومت ڪرپٽ هجي ها، منصوبا منهنجي ذات جي لاءِ ناهن، پاڪستاني قوم جي لاءِ آهن، هن چيو ته منصوبن جو فائدو پاڪستان جي مزدورنن، نوجوانن، شهر ۽ ڳوٺن جي ماڻهن کي ٿيندو، وزيراعظم نواز شريف چيو ته هي رنڊڪون منهنجي ڪمن ۾ ناهن، پاڪستان جي ترقي جي ڪمن ۾ وجهي رهيا آهن، اسحاق ڊار کان سڀاڻي ٻڌنداسين پاڪستان جي ترقياتي پروگرام جو بجيٽ بي مثال هوندو، جڏهن منصوبا مڪمل ٿيندا ته ماڻهن کي پاڻ يقين اچي ويندو، اسان انهن جي رويي سان پنهنجو ڪم بند ڪرڻ وارا ناهيون ۽ تيزي سان وڌائينداسين، هن چيو ته اسان وٽ ماڻهن جي الزامن جو جواب ڏيڻ جو وقت ناهي، مون کي نقصان پهچائڻ جي آڙ ۾ ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهن، اسان جو ڪم ڪوڙن الزامن کي ڌوئي ڇڏيندو، اسان جا منصوبا مڪمل ٿيندا ته ماڻهن کي پاڻ يقين اچي ويندو، اسان جي ڪم کي انشاءَ الله بريڪ نه لڳندي، هن چيو ته اسان کي ايشين ٽائيگر بڻجڻ کان ڪوئي روڪي نٿو سگهي.