2018ع تائين لوڊشيڊنگ ختم ٿيندي: خواجا آصف

اسلام آباد(بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته سکي ڪناري پنبجلي منصوبو وڏي ڪاميابي آهي جنهن تي هڪ کان ٻن مهينن ۾ ڪم شروع ٿي ويندو ۽ 2022ع ۾ مڪمل ٿي ويندو. اهو منصوبو 30 سال کان پوءِ ڪي پي ڪي حڪومت ڏانهن منتقل ٿي ويندو 870 ميگاواٽ جي سکي ڪناري پن بجلي منصوبي جي لاءِ مالي معاملا مڪمل ٿيڻ تي پي پي آءِ بي ۽ ايس ڪي هائيڊر وچ ۾ فناشنل ڪلوز معاهدي تي صحيحون ٿي ويون. صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته سکي ڪناري پن بجلي منصوبو وڏي ڪاميابي آهي جنهن تي هڪ ٻن مهينن ۾ ڪم شروع ٿي ويندو. ان منصوبي تي لاڳت هڪ ارب 80 ڪروڙ ڊالر آهي ۽ اهو منصوبو 2022ع تائين مڪمل ٿيندو. 870 ميگا واٽ جو سکي ڪناري پن بجلي منصوبو سي پيڪ جو حصو آهي جيڪو مانسهره ۾ ڪهنار درياهه تي لڳندو ۽ 30 سالن کان پوءِ ڪي پي ڪي حڪومت ڏانهن منتقل ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *