ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته ۲۰۱۴ع ۾ وزير اعظم نواز شريف اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويٺلن اڳيان گوڏا کوڙڻ وارو هو ۽ استعيفيٰ ڏيڻ وارو هو، پر آصف علي زرداري ان کي استعيفيٰ ڏيڻ کان روڪيو، هن چيو ته اسان ڌرڻي وارن کان نواز شريف کي بچايوسين، ڇو جو پيپلز پارٽي جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪندي رهي آهي.