اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته 2013 ۾ جيڪو پاڪستان اسان کي مليو ان کي هر لحاظ سان بهتر حالت ۾ ڇڏي وڃي رهيا آهيون . اسلام آباد ۾ اي پي اين ايس جي ايوارڊ تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته 2013 ۾ جيڪو پاڪستان اسان کي مليو اسان ان کي هر لحاظ سان بهتر حالت ۾ ڇڏي وڃي رهيا آهيون . اسان جي رستي وڏيون مشڪلاتون آيون، پر حڪومت ترقي جو سفري جاري رکيو، 5 سالن ۾ جيترو ڪو ڪيو، ايترو ڪم 65 ورهين ۾ ناهي ٿيو، لواري ٽنل جي ڪم جي شروعات ذوالفقار علي ڀٽو ڪئي، جڏهن ته 40 ورهين بعد نواز شريف ان کي مڪمل ڪيو . وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته غيرجانبدار ميڊيا حڪومت ۽ ملڪ لاءِ ضروري آهي، حڪومت پهرين ڏينهن کان صحافت جي آزاديءَ جو فيصلو ڪيو، طئي ڪيو ويو هو ته صحافين لاءِ ڪو به ڳجهو فنڊ نه هوندو، 5 سالن ۾ ڳجهن فنڊن تي هڪ رپيو به خرچ ناهي ڪيو، حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ ملڪ لاءِ تمام اهم آهي، تنقيد ضرور ڪئي وڃي، پر سٺا ڪم به سامهون آندا وڃن، سنسرشپ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي، جديد دنيا ۾ سنسر شپ نٿي هلي سگهي، سوشل ميڊيا جي دور ۾ اهڙو ڪم ڪنهن به فائدي ۾ ناهي، ميڊيا ڪوڙي خبر جي ترديد ڪرڻ روايت پاڻ وجهي.