18هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ وارين ڪوششن جي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي:اي پي سي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)جَي يو آءِ سنڌ جي ميزباني ۾ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ 18هين ترميم تحت اختيار ۽ حق هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته 18هين ترميم خلاف ٿيندڙ سازش قومي ٻڌي خلاف سازش آهي، موجوده وفاقي سرڪار پارلياماني نظام جِي مخالف آهي. جيڪا 18هين ترميم کي ختم ڪري صوبائي خودمختياري تي راتاهو هڻڻ چاهي ٿي. اي پي سي ۾ چيو ويو ته اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي ملندڙ حصي ۾ ڪا به گهٽتائي قبول نه ڪئي ويندي. وفاق ۽ صوبن وچ ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن جَي حل لاءِ سي سي آءِ جو اجلاس هر ٽئين مهيني سڏايو وڃي. اي پي سي ۾ اسٽيل ملز ملازمن جِي برطرفي وارو فيصلو واپس وٺي سپريم ڪورٽ جَي فيصلي تحت معاملو سي سي آءِ ۾ حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. سنڌ سميت ملڪ جَي مختلف حصن مان گم ڪيل ماڻهن کي فوري طور بازياب ڪرڻ جو به مطالبو ڪندي چيو ويو ته جيڪڏهن ڪير ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث آهي ته کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ سرڪار کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ جي يو آءِ جي ميزباني هيٺ اپوزيشن جماعتن جي آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ، نواز ليگ، جي ڊي اي ۽ ٻين پارٽيز جي اڳواڻن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت، پ پ سينيٽر شيري رحمان ايم پي سي ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته ارڙهين ترميم تي راتاهو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هي وقت ملڪ کي ظلم، جبر مان ڪڍڻ ۽ فيڊريشن کي مضبوط ڪرڻ جو آهي، نواز ليگ اڳواڻ سلمان احمد چيو آهي ته سندن جماعت 18هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ وارين ڪوششن جي ڀرپور مزاحمت ڪندي، هي موقعو آهي ته عوام جا مسئلا حل ڪيا وڃن، متحده پاڪستان جي اڳواڻ عامر خان چيو آهي ته 18هين ترميم تي اُن جي روح پٽاندڙ عمل نه ٿيو آهي، اين ايف سي ايوارڊ عمل جا مطالبا ڪندڙ پي ايف سي کي يقيني بڻائين، اي اين پي اڳواڻ شاهي سيد اي پي سي ۾ خطاب دوران چيو آهي ته هُنن سمورين جماعتن ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌائين ٿا، بدلي ۾ پختونن کي عزت ملڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *