18هين ترميم ختم ٿي ته حڪومت ختم ڪري ڇڏينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽرز) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 40 ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ شهيد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل کي چاليهه سال ٿي ويا آهن، اڄ جي ڏينهن تي پاڪستان جي اميد جو قتل ڪيو ويو، آئين پاڪستان جو قتل ڪيو ويو، اڄ جي ڏينهن سوال ٿو ڪري عوام کان هر اداري کان سوال ٿو ڪري هر سوچ واري کان اهو سوال ٿو ڪري ته هن ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن جي محافظ کي قتل ڇو ڪيو ويو.؟ هن ٽٽل ملڪ کي جوڙيندڙ، 90 هزار قيدين کي آزاد ڪرائيندڙ، ملڪ جي مضبوط دفاع ڏيندڙ کي ڇو قتل ڪيو ويو.؟ اهو سوال چاليهه سالن کان هلي رهيو آهي.هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي خون جو جواب ڏنو وڃي، ڪڏهن انصاف ملندو.؟ اسان جي خون جي ڪيس تي انصاف جي ديوي کي ننڊ ڇو ٿي اچي وڃي.؟ ڀٽو کي ڇو ٿو قتل ڪيو وڃي؟ ان جو احتساب ڪڏهن ٿيندو؟ هن چيو ته جنهن تاريخ کان سبق ناهي سکيو، تاريخ انهن کي سبق سيکاري ڇڏيو آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جي سلامتي لاءِ ملڪ کي ائٽمي طاقت ڏني، اڄ نوجوان پڇي رهيا آهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ملڪ کي مضبوط دفاعي ملڪ بڻائڻ ۽ ائٽمي طاقت بڻائڻ جي سزا ڏني وئي.؟ هن چيو ته غدار آئين ڏيندڙ هو يا آئين ٽوڙيندڙ هو؟ تنهن ڪري مان چوان ٿو ته اسان جو نظريو ناهي مٽيو. توهان پنهجي سازش جاري رکو، اسان به پنهنجي جدوجهد جاري رکنداسين.هن چيو ته ضياء جي آمريت خلاف شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نظرياتي ڪارڪنن سختيون برداشت ڪيون ۽ اڄ به آهي ڪارڪن ميدان ۾ لهڻ لاءِ تيار آهن، اقتدار ۾ ويٺل تڪبر جي علامت بڻجي ويا آهن ۽ اسان شهيدن جي قربانين کي ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين، جيڪڏهن هن آئين تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هنن جو حشر به آمرن جهڙو ئي ٿيندو، سليڪٽيڊ وزيراعظم گهوٽڪي ۾ اچي آئين ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، اسان ڀٽو جي آئين کي ختم ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته 18 ترميم کي ڇيڙيو ويو ته هڪ لت هڻي حڪومت ختم ڪري ڇڏيندس.هن چيو ته سنڌ کي پاڻي، گئس کپي وزيراعظم سنڌ جي 120 ارب تي نانگ وانگر ويهي رهيو آهي، سنڌ جي عوام حقن تي عمران خان قبضو ڪري رهيو آهي، سمورن صوبن جا پئسا کسي اسلام آباد کي ڏئي رهيو آهي، صوبن جو عوام مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪندا پر بي نامي وزيراعظم کي اها ڳالھ سمجهه ۾ نه ٿي اچي، پي ٽي آءِ حڪومت ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي. هن حڪومت مهانگائي ڪري عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، دوائون جي قيمت وڌائي وئي آهي، گئس جي قميتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن ۽ وري گئس جي لوڊشيڊنگ به ڪئي پئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *