اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 18هين ترميم ۾ صوبائي اختيارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران پ پ پ جي اڳواڻ اڳوڻي چيئرمين سينيٽ سينيٽر رضا رباني جي هن معاملي تي فل ڪورٽ بنائڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي جڏهن ته چيف جسٽس اعجازالحسن واضح ڪيو ته عدالت 18هين ترميم جو جائزو نه پئي وٺي پر عدالت آڏو اشو 18هين ترميم تحت ڪجهه اسپتالن جي تحويل جو آهي جمعي تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ رضا رباني عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ دليل ڏيندي چيو ته عدالت گذريل ڏينهن مختلف سوال اٿاريا هئا مناسب ٿيندو ته هن معاملي تي فل ڪورٽ جوڙيو وڃي عدالت سينيٽر رضا رباني جي هن معاملي تي فل ڪورٽ بنائڻ جي اپيل رد ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ رضا رباني چيو ته عدالت جي آبزرويشن جو احترام ڪيان ٿو ڪيس ۾ پنهنجا دليل جاري رکندس 18هين ترميم کان پوءِ ڪليريٽي لاءِ 19هين ترميم آندي ويئي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن صوبا صحت جي شعبي جي بهتري جي ڪوشش نه ڪن ته ڇا وفاقي حڪومت مدد لاءِ نه اچي ڇا صوبي کي صحت جي شعبي جو مڪمل اختيار ڏنو وڃي ۽ ڇا وفاقي حڪومت ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ ۾ ڪوئي ڪردار ادا نه ڪري سگهندي سينيٽر رضا رباني چيو ته ٿي سگهي ٿو ته منهنجي تشريحي غلط هجي آئين جي منشا آهي ته صحت جو شعبو صوبا ڏسندا جيڪڏهن اسپتالون صوبن کي نه ملنديون ته آئين جو آرٽيڪل پنهنجي اهميت وڃائي ويهندو چيف جسٽس چيو ته 18هين ترميم کي عدالت آئيني ۽ صحيح قرار ڏنو آهي هي ڪوئي ليگل سياسي اشو نه آهي اسان آڏو ننڍي وڏي صوبي جو سوال نه آهي ننڍي وڏي صوبي جو فرق نه پيدا ڪرڻ گهرجي عدالت آڏو سوال قانوني آهي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت صرف قانوني نقطي جي تشريحي ڪري ٿي رضا رباني صاحب اوهان جي ڊگهي سياسي جدوجهد آهي سياسي جدوجهد ڪندڙن شخصين ننڍي وڏي صوبي جو فرق پيدا نه ڪرڻ گهرجي چيف جسٽس رضا رباني کي چيو ته اوهان چاهيون ٿا ته غريبن کي صوبائي حڪومتن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏيون اوهان مطابق وفاقي حڪومت اسپتالون ٺاهي صوبي جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ اوهان چاهي ته وفاق صرف گرانٽ ڏي باقي ڪردار صوبن جو هجي جنهن تي سينيٽر رضا رباني چيو ته 1935 جي آئين ۾ به صحت جو شعبو صوبن وٽ هو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هي قانون گڏيل هنڌ ۾ انگريزن ٺاهيو پاڪستان جدوجهد سان حاصل ٿيو اسان کي پنهنجي تاريخ پنهنجي آئين سان شروع ڪرڻ گهرجي رضا رباني دليل ڏيندي چيو ته وفاقي حڪومت جي صحت جي شعبي ۾ ڪم سان صوبن ۽ وفاق ۾ تڪرار پيدا ٿيندو جنهن تي جسٽس اعجاالحسن چيو ته وفاقي حڪومت صوبا.ئي ريگيوليشن کي فالو ڪندي ته صوبا.ئي تڪرار پيدا نه ٿيندو رضا رباني چيو ته رياست ۾ وفاقي صوبائي ۽ لوڪل حڪومتون شامل آهن وفاقي حڪومت صوبي ۾ اسپتال ٺاهي سگهي ٿي پر ان کي هلائي نٿي سگهي جيڪڏهن وفاقي حڪومت صوبي ۾ اسپتال ٺاهي هلائيندي ته آرٽيڪل 137 پنهنجي اهميت وڃائي ويهندو جنهن تي چيف جسٽس کيس چيو ته آرٽيڪل 137 پنهنجي اهميت ڪيئن وڃائيندو رضا رباني صاحب ايڏو وڏو بيان نه ڏيو.