18هين آئيني ترميم صوبائي خودمختاري ڏني آهي؛وڏو وزير

ڪراچي (هه آ) ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 18هين آئيني ترميم صوبائي خودمختاري ڏني آهي ۽ ان سان ملڪ ۾ پارليمينٽري طرز حڪومت مستحڪم ٿي آهي ان کي جيڪڏهن رول بيڪ ڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه اڄ مزار قائد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته 18هين آئيني ترميم 2010ع ۾ قومي اسيمبليءَ مان پاس ڪئي وئي ۽ ان کي 27 ميمبرن تي ٻڌل پارليامينٽري ڪميٽي جيڪا سمورين پارلياماني پارٽين جي ميمبرن تي مشتمل هئي تنهن جي گڏيل ڏاهپ ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊر سان صلاح مشوري کانپوءِ ڊرافٽ ڪيو هو. ڀاشا ڊيم بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته هُو ڀاشا ڊيم جي تعمير جي خلاف نه آهي پر ان جي هنڌ ۽ سسٽم ۾ پاڻيءَ جي دستيابي جي حوالي سان ڪجهه خدشا آهن. هن چيو ته اهي زلزلي واري علائقي ۾ واقع آهي ۽ سسٽم ۾ ايترو پاڻي موجود نه آهي ته ڊيم کي ڀري سگهجي. سسٽم ۾ پاڻيءَ جي صورتحال بابت هن ٻڌايو ته گذريل سال ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم اي ايف بدران رڳو 7.5 ملين ايم اي ايف پاڻي ڇڏيو ويو. جڏهن ته اصل حقيقت اها آهي ته (ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي) 25 ايم اي ايف پاڻي جي ضرورت آهي ٻي صورت ۾ سمنڊ ويجهن ڳوٺن کي ختم ڪري ڇڏيندو. گذريل ڏهن سالن ۾ اٽڪل ڇهه سال ته اهڙا هئا جنهن ۾ 10 ملين ايڪڙ کان گهٽ پاڻي ڇڏيو ويو. ٻن يا ٽن سالن ۾ رڳو 2 ملين ايڪڙ پاڻي ڇڏيو ويو ۽ ٻي سال 4 ملين ايڪڙ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. ان دوران اسان ڊيم کي ڪيئن ڀريون ها؟. ڊيم بس هوا سان ڀري سگهجي پيو. هن وڌيڪ چيو ته سمنڊ ۾ پاڻي ڇڏڻ جو اسان وٽ 1922ع کان رڪارڊ موجود آهي جنهن کي معلوم ڪرڻ حاصل ڪري. تربيلا ڊيم بڻجڻ کان پهرين 70 ملين پاڻي ايورج سان ويندو هو. تڏهن اسان جو ڊيلٽا سرسبز ۽ ماڻهو آباد هئا. اسان جو موقف بلڪل صاف آهي ته ڪنهن کي ماري اوهان ڊيم جا منصوبا نه ٿا جوڙي سگهو. هن چيو ته سنڌ ۾ 34 ننڍا ڊيم بڻجي چڪا آهن ۽ وڌيڪ 16 ڊيمن تي ڪم جاري آهي. وڏن آبي منصوبن لاءِ سمورن شراڪتدارن ۽ ماحول کي ڏٺو وڃي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀاشا ڊيم جي اسان مخالفت نه پيا ڪريون، ڀاشا ڊيم بابت ٽيڪنيڪل گرائونڊ تي ڪجهه خدشا آهن، اهو سيسمڪ زون ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ديا مير ڀاشا ڊيم پيپلز پارٽيءَ ڏنو هو، ان جي ٽيڪنيڪل معاملن تي اعتراض سامهون آيا هئا. تڪراري منصوبن تي صوبن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. وڏي وزير چيو ته ڊيم ٺاهڻ جو ڪهڙو فائدو جڏهن ته پاڻي آهي ئي نه. ڊائون اسٽريم ڪوٽري پاڻي روڪي ڊيم اڏڻ سنڌ ۾ ڊيلٽا کي تباهه ڪرڻ جي مترادف آهي. وڏي وزير چيو ته چونڊ ڪرائڻ جو جيڪو هدف نگران حڪومت کي ڏنو ويو هو تنهن  دوران اسٽريٽ ڪرائم وڌيو. اهڙن آفيسرن کي اهڙي هنڌ مقرر ڪيو ويو جتي اهي ڪڏهن ويا ئي نه هئا. ڏوهن کي گهٽائڻ بدران پوسٽنگ تي وڌيڪ زور ڀريو ويو. پوليس آفيسرن جو بدليون ڪيون ويون جنهن لاءِ هڪ نظام هوندو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بلديا ٽائون واري فيڪٽريءَ ۾ انسانيت سان وڏو ظلم ٿيو. ان سانحي تي جي آءِ ٽيز بڻي، مصلحت کان پري تي ڏوهارين کي سزا ڏني وڃي. حڪومت متاثر خاندانن جي مدد ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته صوبي کي صحت ۽ تعليم جون سهولتون ڏنيون وڃن. اليڪشن ۾ ڌاندلين جون وڏيون نشانيون موجود آهن. اسان سيف سٽي پروجيڪٽ شروع ڪري رهيا آهن. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسٽريٽ ڪرائم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پوليس ڪم ڪري رهي آهي. دهشتگريءَ وانگر اسٽريٽ ڪرائم تي به ضابطو آندو ويندو. مراد علي شاهه چيو آهي ته آفيسرن جي مقررين ۽ بدلين جي قاعدا ۽ ضابطا ٿيندا آهن. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته گذريل سال 10 ملين ايڪڙ فٽ پاڻيءَ بدران ساڍا ست ملين ايڪڙ پاڻي ڇڏيو ويو هو پر اسان جي حساب ۾ ڊائون اسٽريم ڪوٽڙيءَ ۾ 25 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڇڏڻ گهرجي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄ اسان قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيا آهيون، پڪو پهه ڪريون ٿا ته گڏجي سنڌ جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪنداسين. اسان پنهنجي صوبي کي امن جو گهر بڻائينداسين. قائداعظم جي نظرئي کي اڳتي وڌايو ويندو ۽ عوام جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. انهيءَ کان پهرين سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر سندهه عمران اسماعيل بابا قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 70هين ورسي جي موقعي تي ڪابينا ميمبرن سان گڏجي مزار قائد تي حاضري ڀري، گُلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتح خواني ڪئي. ان موقعي تي وڏي وزير جو سڌسماءَ ۽ آرڪائيوز وارو صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، صوبائي وزير عذره پيچوهو، شهلا رضا، سعيد غني، مڪيش ڪمار چاولا، امتياز شيخ، شبير بجاراڻي، مخدوم محبوب ۽ ٻيا گڏ هئا. وڏي وزير مزار قائد تي فاتح خواني کانپوءِ مهمانن واري ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪيا. هن قائداعظم جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ پنهنجي پيغام ۾ چيو ته محمد علي جناح جو لاڏاڻي وارو ڏينهن اهڙي عظيم ترين قائد جي ياد ڏياريندو آهي جنهن ننڍي کنڊ جي خوف ۾ ورتل ۽ مايوس مسلمانن کي هڪ نصب العين ڏنو هو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *