راولپنڊي(م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي 24 نومبر جي احتجاج تي ڪجهه نه ٿو چئي سگهان، منهنجي مٿان 14 ڪيس داخل آهن، هڪ ڪيس مان گذريل ڏينهن بري ٿيو آهيان، راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون، شيخ رشيد چيو ته اصل مسئلي طرف اچو، ماڻهو مهانگائي سبب مري رهيا آهن ۽ ڪنهن کي پرواهه نه آهي، منهنجي خلاف 14 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اميد آهي ته ڪيسن ۾ بري ٿي ويندس