شڪارپور(رپورٽ : عتيق ڌڪڙ) 100 سالا پراڻو شنڪر ڀارتي مندر ۽ زرعي زمين تي قبضي خلاف رينجر ۽ پوليس جي گڏيل ڪاروائي، مندر ڀرسان غير قانوني ڇپرا ڊٺا ويا 4 ڄڻا گرفتار، هٿيار هٿ.تفصيل موجب : ڪالھ رينجرز ۽ پوليس هندو برادريءَ جي شڪايت تي 100 سالا پراڻو شنڪر ڀارتي مند۽ زرعي زمين تي قبضي خلاف ڪاروائي ڪئي. ان موقعي تي رينجرز ۽ پوليس جا اٽالا ڊي ايس آر فرياد گجر جي اڳواڻيءَ ۾ ڪاروائي ڪري غير قانوني ڇپرا، مينهن جو واڙو ۽ اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون. جڏهن ته ان موقعي تي 4 ڄڻن کي پڇا ڳاڇا لاءِ تحويل ۾ ورتون ويو جن وٽان هٿيار پڻ هٿ آيا. ان موقعي تي رينجرز جي ڊي ايس آر ٻڌايو ته هندو برادريءَ جي مندر بابت قبضي جي شڪايتن تي ڪاروائي ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ غير قانوني اڏاوتون ڊاٺيون ويون آهن. ان موقعي تي هندو برادريءَ جي پروفيسر وجيت ڪمار ۽ گرل داس ٻڌايو ته 2007 ۾ مختلف نالن سان 100 سالا پراڻو مندر ۽ ان جي زرعي زمين مختيار ڪارن ۽ تپيدارن قبضا خورن سان ملي ڪري کاتا مٽايا آهن. هنن ٻڌايو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته 100 سالا پراڻو مندر پڻ وڪرو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي انٽريون ڪينسل ڪيون ويون آهن. تنهن باوجود قبضا خور زمين تي قابض آهن، جڏهن ته مندر ڀرسان مينهن جا واڙا کولي مندر جي تاريخي عمارت کي نقصان پهچايو پيو وڃي. هن چيو ته وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون ته تاريخي مندر جي زمين ۽ تاريخي مندر کي بچايو وڃي ۽ قبضاخورن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.