10 فيبروري تي اورنگي ٽائون ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ هٿياربند ماڻهو به شامل هئا: نثارکهڙو

ڪراچي (اين اين آءِ) سينيئر صوبائي وزير نثاراحمد کهڙو چيو آهي ته 10 فيبروري تي اورنگي ٽائون ۾ ٿيندڙ احتجاج ۾ هٿياربند ماڻهو به شامل هئا ۽ پوليس سان جهيڙي جي نتيجي ۾ مختلف ماڻهو زخمي ۽ هڪ فوت ٿيو هي اها ڳالهه هن جمعي تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي رڪن محمد حسين جي ڌيان طلب نوٽيس تي ڪئي محمد حسين پنهنجي ڌيان طلب نوٽيس تي چيو ته اورنگي ٽائون ۾ پوليس معصوم شهرين تي سڌي فائرنگ ڪئي ۽ هن وقت تائين ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويئي عوام علائقي ۾ ڦرلٽ جي خلاف احتجاج ڪري رهي هئي پر بدقسمتي سان پنهنجي حق لاءِ احتجاج ڪندڙن کي گولين ۽ لٺن جو نشانو بڻايو ويو ۽ مختلف ٽي وي چينلن ۾ به اها ڳالهه سامهون آئي ته ڪجهه آفيسر حڪم ڏيئي رهيا هئا ته ماڻهن تي گوليون هڻون اها افسوس جهڙي ڳالهه آهي هن چيو ته اورنگي ٽائون ۾ احتجاج ڪندڙن مان 45 ڄڻا زخمي ٿيا ان تي صوبائي وزير نثار احمد چيو ته 19 فيبروري تي احتجاج ۾ ڪجهه هٿياربند به شامل هئا جن وٽ بغير لائسنسن جي هٿيار موجود هئا هن ايوان ۾ مختلف ماڻهن جا نالا به ٻڌايا هن چيو ته جڏهن به ڪو احتجاج ٿئي ٿو ته موقعي تي پوليس پهچي وڃي ٿي ۽ ضرورت پوڻ تي انهن کي ڇڙوڇڙ به ڪيو وڃي ٿو اتي به جهيڙو ڪيو ويو ۽ اتي به هڪ شخص فوت ٿيو هن چيو ته انڪوائري کي هدايت ڪئي ويئي آهي ۽ ايف آءِ آر به داخل ٿي چڪي آهي سمورا قانوني تقاضا پورا ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ ان وقت دلچسپ صورتحال پيدا ٿي جڏهن ايم ڪيو ايم سيد نديم رضا پنهنجي ڌيان طلب نوٽيس جي نمبر جو حوالو ڏيندي صوبائي وزير منصوبابندي ۽ ترقيات کان 2016 جي اي ڊي پي نمبر 111 بابت پڇا ڪئي جنهن تي صوبائي وزير مير هزار خان بجاراڻي چيو ته منهنجي رڪارڊ موجب اها اي ڊي پي ڪنهن روڊ جي اڏاوت جي نه پر ٻن گاڏين جي مرمت جي آهي جڏهن ته ٻنهي ٻيهر گڏجي معاملي کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *