10 جولاءِ تي ملڪ ۾ ڪجهه به ٿيڻ وارو ناهي: محمد زبير

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته 10 جولاءِ تي جي آءِ ٽي رڳو پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي ان ڪري انويسٽر ڊڄن نه 10 جولاءِ تي ڪجهه به نه ٿيندو. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي گورنر محمد زبير چيو ته ڪراچي ۾ قانون جي حڪمراني جي صورتحال بلڪل تبديل ٿي چڪي آهي، ڪنهن کي خبر هئي ته چار سال پهرين وارو ڪراچي هاڻ بهتر صورتحال تي ٻڌل هوندو. هن چيو ه ايس اي سي پي جو پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، موجوده حڪومت جي دور ۾ هن وقت مارڪيٽ هيٺ لهڻ جا ڪيترائي سبب آهن، مارڪيٽ جي ڪرڻ جو هڪ سبب جي آءِ ٽي ٻڌائي پئي وڃي جنهن جي ڪري سيڙپڪار محتاط آهن تنهن هوندي منهنجي خيال ۾ جي آءِ ٽي جي ڪري ڊڄڻ جو ڪو به سبب ناهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *