ڪراچي(م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ هو ته 10 ارب روپين جي آڇ ڪرڻ واري جو نالو ان لاءِ نه پيو ٻڌائي سگهان ڇو ته اهو لاهور جو رهائشي آهي، جيڪڏهن ان جو نالو ٻڌايو ته شريف خاندان ان خلاف نتقامي ڪارروائي ڪندو، ڪراچي پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته پاناما ڪيس کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي اچڻ جو واعدو ڪيو هو، هن چيو ته ڪراچي روشنين جو شهر هو ۽ دبئي کان ماڻهو ڪراچي موڪلون ملهائڻ ايندا هئا، پر اڄ ڪلهه هن شهر ۾ هر هنڌ گندگي جا ڍير لڳل آهن، سندس چوڻ هو ته ڪراچي جي شهرين کي انهن جا حق ڏيارڻ لاءِ نڪتو آهيان، هن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ خرچ ٿيڻ وارا پيسا چوري ٿي دبئي هليا ويندا آهن، هن چيو ته جيستائين ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ نه اٿي بيهندا تيسيتائين هنن حڪمرانن کي ڪو به فرق نه پوندو. عمران خان جو چوڻ هو ته نواز شريف وزيراعظم رهڻ جو اخلاقي جواز وڃائي ويٺو آهي، هن چيو ته جڏهن پاناما جو انڪشاف ٿيو هو ان ڏينهن ئي نواز شريف کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، عمران خان چيو ته نواز شريف يوسف رضا گيلاني کي چيو هو ته تحقيق تائين استيفيٰ ڏئي ڇڏي پر پاڻ ڪرسي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي ۽ هي ڪرسي سان ان لاءِ نٿو لهي ڇو ته قطري سان گڏ اربين رپين جي معاهدن مان ڪميشن اچڻو آهي، هن چيو ته انهن پئسن جي لاءِ نواز شريف پنهنجي عزت ۽ غيرت وڃائي ويٺو آهي، 10 ارب رپين جي آڇ جي حوالي سان عمران خان جو چوڻ هو ته 10 ارب ته شروعاتي آڇ هئي، آڇ ڪندڙ جو چوڻ هو ته آڇ 10 ارب رپين کان وڌي به سگهي ٿي، آڇ ڪندڙ جو نالو ان لاءِ نٿو ٻڌائي سگهان ڇو ته هو لاهور جو رهواسي آهي، ان جو نالو ورتو ته نواز خاندان ان خلاف انتقامي ڪارروائي ڪندو، سندس چوڻ هو ته جنهن ڏينهن عدالت گهرايو ويو ته 10 ارب روپين جي آڇ ڪندڙ لاءِ تحفظ جو مطالبو ڪندو ۽ دبئي مان جنهن ذريعي آڇ ڪئي وئي ان جو نالو به ٻڌائيندو، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته پوري قوم ڄاڻي ٿي 30 سالن ۾ نواز شريف رشوت ڏيڻ جي علاوه ڪجهه نه ڪيو آهي، جيڪڏهن موٽو گينگ کي اڄ کائڻ لاءِ اهو ڏيڻ ڇڏي ڏيون ته سڀ ان جو ساٿ ڇڏي ويندا، 1999ع ۾ ڪلثوم نواز کانسواءِ ڪوبه نه هيو سڀ ڀڄي ويا هئا، جنهن ڏينهن پارٽي جي ماڻ هن کي خبر چئي ته نواز شريف وڃڻ وارو آهي، ساڳيا ئي ماڻهو ان جي پٺيءَ ۾ ڇُرو هڻندا ۽ چوندا ته هي ته آهي ئي ڪرپٽ، جهڙي طرح ماڻهو پهريان ڇڏي ڪري مسلم ليگ (ق) ۾ ويا هئا اهڙي طرح ئي ماڻهو ٻيهر هليا ويندا.. ان چيو ته مان اڄ تائين ڪوبه يوٽرن ناهي ورتو پر نواز شريف هر هر نه صرف يوٽرن وٺي ها بلڪ ڪوڙ به ڳالهائيندو آهي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو چوڻ هو ته ڊان ليڪس ڪميشن جي پوري تفصيل سامهون اچي پر انهن ٻئي ڪنهن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي اصل ماڻهن کي بچائي ورتو آهي. عمران خان جو چوڻ هو ته آصف زرداري کي ڇا چوان، جڏهن آصف زرداري ڪرپشڻ خلاف اٿي بيهي ته اها قيامت جي نشاني آهي.