ڳڙهي خيرو (ن) ڳڙهي خيرو ۾ هٿياربند مبينا طور گهر تي حملو ڪري ناري کي اغوا ڪري ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ ۾ اطلاع مليا آهن ته ناري گهران نڪري نوجوان وسيم منگي سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي آهي. غريب آباد پاڙي جي رهواسي حاجي لياقت منگي ڳڙهي خيرو ٿاڻي تي ڌيءُ رضوانه منگيءَ جي مبينا اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو. جنهن ۾ هُن الزام هنيو آهي ته شهدادڪوٽ واسي ٻن ڀائرن وسيم ۽ عامر ولد نادر منگي هڪ اڻڄاتل جوابدار سان گڏجي سندس گهر تي حملو ڪيو، صبح جو ٿيل حملي دوران جوابدار سندس نوجوان ڌيءُ رضوانه کي اغوا ڪري ويا آهن. ناريءَ جي والد سندس جلد بازيابيءَ جي اپيل ڪئي آهي.