گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سنڌ جو ڪيس پاڻ وڙهندس:مراد علي شاهه

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سب ڪميٽيءَ جـَي اجلاس ۾ هـُو سنڌ جو ڪيس پاڻ وڙهندو، گئس ۽ تيل جنهن صوبي مان نڪري ٿو پهريان ان صوبي جو حق آهي. وڏو وزير مراد علي شاهه اسلام آباد پهچي رهيو آهي جتي هـُو سي سي آءِ جي سب ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. سي ايم هائوس جي ترجمان موجب وڏو وزير مراد علي شاهه قانون وزير جي حيثيت سان شرڪت ڪندو جڏهن ته اجلاس ۾ چئني صوبن جا قانون وارا وزير، ايڊووڪيٽ جنرلز ۽ اٽارٽي جنرل شرڪت ڪندو. وڏي وزير سان توانائي کاتي وارو سيڪريٽري آغا واصف ۽ ايڊووڪيٽ جنرل گڏ آهي. وڏي وزير جو چوڻ آهي ته سي سي آءِ جي سب ڪميٽي اجلاس ۾ سنڌ جو ڪيس پاڻ وڙهندو، هـُو انجنيئر سان گڏ هڪ قانوندان جو پٽ به آهي. سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته آئين تحت ان صوبي جو گئس ۽ تيل جو پهريون حق آهي جتان نڪرندو آهي،پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ کانپوءِ ٻين صوبن کي گئس ۽ تيل ڏئي سگهجي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *