گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرايو وڃي، اوگرا آفيسون ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ به قائم ڪيون وڃن: سينيٽ فنڪشنل ڪميٽي

ڪراچي (رپورٽر) چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ 18هين ترميم تحت قانونسازي جو عمل 50 سيڪڙو کان وڌيڪ مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ رهيل ڪم مرحليوار جاري آهي. هُن اهڙو اظهار خميس ڏهاڙي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڊيووليوشن بابت سينيٽ جي فنڪشنل ڪميٽي جي اجلاس جي آخري دور ۾ 18هين ترميم بابت قانونسازي ۽ قاعدن ضابطن جي جوڙجڪ بابت بريفنگ ڏيندي ڪيو. اجلاس سينيٽر ۽ ڪميٽِ جي چيئرمين مير ڪبير احمد محمد شاهي جي صدارت هي ٿيو، جنهن ۾ اوگرا، ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۽ ڪراچي فشريز هاربر / ڪورنگي فشريز هاربر اٿارٽي جي معاملن کان علاوه قومي صحت پاليسي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير پيٽروليم شاهد خاقان عباسي، پورٽس اينڊ شپنگ جي وزير حاصل بزنجو، سينيٽر نوابزاده سيف الله مگسي، وفاقي سيڪريٽري نيشنل هيلٿ پروگرام محمد ايوب شيخ، سينيٽر سسئي پليجو، سينيٽر تاج حيدر، سينيٽر محمد عثمان ڪاڪڙ، ڊي جي پورٽس اينڊ شپنگ حسن چاندنه ۽ ٻين به خطاب ڪيو. اجلاس ۾ سفارشون منظور ڪيون ويون ته وفاقي حڪومت ۽ مٿئين ايوان سان رجوع ڪيو ويندو ته ڪورنگي فشريز هاربر 18هين ترميم تحت بنا دير جي سنڌ حڪومت حوالي ڪيو وڃي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل (ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ) جي سيڪريٽريٽ جا صوبائي سطح تي آفيسن جي قيام سان گڏ جلد کان جلد اجلاس منعقد ڪيو وڃي، جيڪو گذريل ستن مهينن کان ناهي ٿيو ۽ آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جون آفيسون ڪراچي ۽ لاهور جيان پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ به قائم ڪيون وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *