دوشنبي(م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان شنگهائي سهڪاري تنظيم جي چارٽر جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته اسان گڏيل مفادن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته دهشتگردي ۽ علائقائي تڪرار اهم چئلينج آهن، جن سان مقابلو ڪرڻ ضروري آهي، شنگهائي سهڪاري تنظيم خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اهم پليٽ فارم آهي. گڏيل سهڪار سان گڏيل هدف حاصل ڪرڻ ممڪن آهي. ان پليٽ فارم ذريعي نه رڳو دهشتگردي جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو پر گڏيل واپار کي به هٿي ڏئي سگهجي ٿي. پرڏيهي وزير چيوته گڏيل مفادن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي يقين رکون ٿا، پاڪستان شنگهائي سهڪاري تنظميم ڪانٽيڪٽ گروپ جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. پاڪستان شنگهائي سهڪاري تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطن تي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستان ۾ گڏيل فائدي جا وڏا موقعا موجود آهن، موجودا حڪومت معاشي ايجنڊا پاڪستاني عوام سميت خطي جي لاءِ به فائديمند آهي، سي پيڪ جي رٿائن جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان ۽ شنگهائي سهڪاري تنظيم جي ميمبر ملڪن کي وڏا ثمر حاصل ٿيندا. سندس چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي انتها پسندي خلاف اهم ڪردار ادا ڪيو، افغانستان ۾ امن امان ۽ مضبوطي پاڪستان لاءِ اهم آهي.