گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ غزا ۾ فوري جنگ بندي جو ٺهراءَ وڏي اڪثريت راءِ  سان منظور ڪيو ويو

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ غزا ۾ فوري جنگ بندي جو ٺهراءَ وڏي اڪثريت راءِ  سان منظور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ غزا ۾ بنادير، غير مشروط ۽ مستقل جنگ بندي، اسرائيل ۽ حماس وٽ قيد يرغمالين جي آزادي جو به مطالبو ڪيو ويو.

غزه ۾ جنگ بندي جي ٺهراءَ جي منظوري لاءِ 193 مان 158 ووٽ پيا، آمريڪا، اسرائيل ۽ ٻين ستن ملڪن ٺهراءَ جي  خلاف ووٽ ڏنو جڏهن ته 13 ملڪن جا ميمبر غير حاضر رهيا.

جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ امدادي ايجنسي انروا جي  حق ۾  به ٺهراءُ منظور ڪيو ويو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *