لنڊن (م ڊ) برطانيا جي غيرسرڪاري انساني حقن جي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل گڏيل قومن کان صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي آزاداڻي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. تفصيل موجب سعودي صحافي جمال خاشقجي جي ترڪي جي گادي واري شهر استنبول ۾ قائم سعودي سفارتخاني ۾ گمشدگي ۽ قتل بابت ايمنسٽي انٽرنيشنل سعودي عرب جي وضاحت بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايمنسٽي انٽرنيشنل گڏيل قومن کان دي واشنگٽن پوسٽ سان سالهاڙيل صحافي جي قتل جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جمال خاشقجي جي لاش بابت معلومات مُهيا ڪري ته جيئن جمال خاشقجي جي مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪري واقعي جون حقيقتون سامهون آڻي سگهجن. ٻئي پاسي سعودي شاهي خاندان ۽ حڪومتي پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندڙ جمال خاشقجي جي سعودي سفارتخاني ۾ قتل تي ڊچ وزيراعظم به صحافي جي قتل جي آزادڻي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي صحافي جمال خاشقجي جي قتل بابت سعودي وضاحت ۽ جاچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيستائين جواب نٿو ملي مان مطمئن ناهيان. واضح رهي ته گذريل ڏينهن سعودي عرب صحافي جمال خاشقجي جي سفارتخاني ۾ موت جي تصديق ڪندي چيو هو ته استنبول جي سفارتخاني ۾ جمال خاشقجي ۽ ۽ اتي موجود ماڻهن ۾ جيهڙو ٿيو جنهن سبب صحافي جي موت جو واقعو پيش آيو .