گورنر سنڌ سان ڳالهيون، جماعت اسلاميءَ ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو

ڪراچي(م ڊ) جماعت اسلاميءَ گورنر سنڌ محمد زبير پاران مسئلا حل ڪرائڻ جو يقين ڏيارڻ کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، جماعت اسلامي ڪي اليڪٽرڪ ڪمپني خلاف undefined ڏينهن کان ڌرڻو هنيو هو، جنهن ان پوءِ اڄ جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻ جي گورنر سنڌ دعوت ڪئي ۽ ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جماعت اسلاميءَ جي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان ميڊيا کي ٻڌايو ته عوام جي بنيادي سهولتن جي فراهمي اسان جي پهرين ترجيح آهي، گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪي اليڪٽرڪ ڪمپني بجليءَ جي لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي، سخت گرميءَ جي ڪري عوام جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي، اڄ گورنر سنڌ يقين ڏياريو آهي ته بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرائي ڪراچي جي عوام جا بنيادي سڀ مسئلا حل ڪيا ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *