گورنر جو عهدو هاڻي غير سياسي نه رهيو آهي، محمد زبير صوبائي معاملن م مداخلت ڪري رهيو آهي : مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اين اين آءِ) پ پ پ جي مرڪزي اطلاع واري سيڪريٽري مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته سنڌ جي گورنر جو عهدو سياست کان پري ناهي، محمد زبير صوبائي معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي سنڌ جا ماڻهون نون ليگ کي قبول نه ڪندا، ميڊِيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته محمد زبير گورنر نه پر نون ليگ ڪراچي ڊويزن جو سربراه آهي، هو سنڌ ۾ نون ليگ کي اليڪشن کٽرائڻ جي مشن تي آهي، سنڌ جا ماڻهون نون ليگ کي قبول نهڪندا، سنڌ جو گورنر صوبي جي عوام جي نمائندگي نه ٿو ڪري، هو ڪراچي ۾ پنهنجي آفيس ۾ بند رهندو آهي. اهڙِي گورنر کي پنهنجي صوبي جي عوام جي ڪهڙي پرواهه ٿي سگھي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاناما ڪيس ختم نه ٿيو آهي نوازشريف کي عدلت جو فيصلو تسليم ڪرڻ گھرجي هان، هن کي عدليا تي تنقيد نه ڪرڻ گھرجي هان، نوازشريف اهڙو ئي طريقو ڪندو رهيو ته آئنده ان جي لاءِ ڏکيائون وڌي وينديون، هن چيو ته شريف خاندان عدالتن ۾ شروع کان پيش نه ٿيڻ جوچوندو رهيو. پر هاڻي شريف خاندان کي پيش ٿيڻون پوندو. اهي ماڻهون پيش نه ٿيا ته عدالت انهن کي فرار قرار ڏيندي . نوازشريف جي سياست هاڻي ختم ٿي چڪي آهي. هن چيو ته شيهد راڻِي جي خلاف ڳالهيون ڪرڻ وارن کي الله سڀ سيکاري ڇڏيو آهي، نوازشريف جيڪو ٻج پوکيو هو اڄ هو لڻي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *