گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي ۾ روڊ حادثو، قلندر جي درگاهه تان واپس ويندڙ هڪ عورت ۽ ٽن ٻارڙن سميت ٦ ڄڻا فوت ۽ ۴ ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽ مطابق قلندر لعل جي مزار تي حاضري ڏيڻ بعد واپس صادق آباد رڪشي ۾ سوار ٿي ويندڙ پانڌيئڙن سان حادثي جي نتيجي ۾ ۸ ورهين جو غلام علي پٽ مصطفيٰ بلوچ، ۹ ورهين جي رمشا ڌي جميل احمد، ۲ ورهين جي مهڪ، ۲۰ ورهين جي مسمات دلاور خاتون زال نديم احمد سميت ٦ ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته عمران، نديم، ۽ جميل احمد سميت ۴ ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي جي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ميرپور ماٿيلو اسپتال نيو ويو آهي.