گهوٽڪي (اين اين آءِ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گهوٽڪي جي ننڍي اليڪشن جي ڪاميابي تي سردار محمد بخش خان مهر کي مبارڪ ڏيندي چيو آهي ته مان گهوٽڪي جي عوام جو ٿورائتو آهيان جنهن اسان سان گڏجي سليڪٽڊ وزيراعظم کي پيغام ڏنو آهي ته نئون پاڪستان نه کپي گهوٽڪي اليڪشن ۾ عوام دشمن بجيٽ، نئون پاڪستان ۽ تبديلي وارن جي هار ٿي گهوٽڪي جي علائقي عادلپور ۾ صحافين سان ڳالائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ عوام دشمن بجيٽ، نئون پاڪستان ۽ تبديلي وارن کي هارايو آهي هاڻي اسان کي اسان جي عوام جي معاشي ۽ جمهوري حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي هن ان موقعي تي گهوٽڪي جي عوام جا ٿورا مڃيندي چيو ته گهوٽڪي وارن سليڪٽڊ وزيراعظم کي اهو واضح پيغام ڏنو آهي ته نه کپي نئون پاڪستان نه کپي بلاول ڀٽو زرداري چيوت ه سردار محمد بخش خان مهر ڪٺپتلين آڏو ڪنڌ نه جهڪائيندو هن چيو ته عام چونڊن ۾ کٽيل سيٽ ڪنهن ٻئي کي ڏني ويئي عوام اليڪشن ڪرائي ٻيهر پاڪستان پيپلزپارٽي کي کٽرايو آهي پ پ پ چيئرمين چيو ته گهوٽڪي ڀٽو جو آهي خانڳڙهه ڀٽو جو آهي آءِ ايم ايف بجيٽ وارن لاءِ اين اي 205 جي شڪست پهرين شڪست آهي نئين پاڪستان وارن کي ۽ تبديلي وارن لاءِ وڌيڪ شڪست انهن جو مقدر بڻجندي. قسم سان چوان ٿو ته