گهر جي صفائي ڀل ڪيو، پر اهڙن بيانن سان دشمن جي موقف کي هٿي ملي ٿي: چوڌري نثار

اسلام آباد (م ڊ): اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته گهر جي صفائي ڀل ڪيو، پر اهڙن بيانن سان دشمن جي موقف کي هٿي ملي ٿي، ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار جو چوڻ هو ته گهر جي صفائي تي ڪنهن کي ڪو اعتراض ناهي، اوهان بيانن بدران ڪم تي ڌيان ڏيو، گهڻو ڪم ڪرڻ لاءِ موجود آهي، اهڙن بيانن ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي، جن سان دشمنن کي پاڪستان مخالف موقف ۾ هٿي ملي، وزيراعظم گهر جي صفائي ڀل ڪري، ڪنهن روڪيو اٿس، اهڙي موقف سان دنيا سامهون پاڪستان جو تماشو نه بڻايو وڃي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي بيان تي ردعمل ڏيندي اڳوڻي گهرو وزير جو چوڻ هيو ته وزيراعظم کي اهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *