گهرو وزارت 18 بين الاقوامي غير سرڪاري تنظيمن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) گهرو وزارت 18 پرڏيهي غير سرڪاري تنظيمن ( اين جي اوز) کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، رپورٽ موجب 72 انٽرنيشنل اين جي اوز تي پابندي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ملڪ مان نيڪالي جو شڪار ٿيندڙ 18 تنظيمن مان 9 جو تعلق آمريڪا، 3 جو تعلق برطانيا ۽ 2 جو هائيلينڊ سان آهي، جڏهن ته آئر لينڊ، ڊن مارڪ، اٽلي ۽ سوئيز لينڊ جي هڪ هڪ تنظيم به شامل آهي، ذريعن موجب حڪومت 141 اين جي اوز کي پاڪستان ۾ ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جن ۾ 66 پرڏيهي اين جي اوز به شامل آهن، 72 اين جي اوز جا ڪاغذ اڻپورا قرار ڏئي انهن کي ڪاغذ مڪمل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وئي آهي، 68 انٽرنيشنل اين جي اوز پاڪستان جا قائدا تسليم ڪيا آهن جنهن موجب انهن کي گهرو وزارت جي آڊٽ فرزم مان سالياڻو آڊٽ ڪرائڻي پوندي. انهن تنظيمن گهرو وزارت سان مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *