ڪراچي (هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڇهين آدمشماريءَ جي موقعي تي آدمشماري ڪندڙن عملي کي گهر جي فردن جا نالا ۽ تعداد سميت سموريون ضروري معلومات فراهم ڪئي وڃي ۽ ان حوالي سان جيڪا به سمري ۽ ڊيٽا تياري ٿئي ان کي ويب سائيٽ تي به رکيو وڃي. هن ڊسٽرڪٽ آفيسرز آدمشماري کي به هدايت ڪئي وڃي ته ان جي حل لاءِ ڪو طريقيڪار ۽ مڪينزم هئڻ گهرجي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي عوام کي اپيل ڪندي چيو ته گهرن جي ڳڻپ ۽ آدمشماريءَ ۾ سنڌ جي عوام کي ڀرپور طريقي سان حصو وٺڻ گهرجي ۽ پنهنجي گهر جي سمورن ماڻهن جي صحيح ڄاڻ آدمشماري ڪندڙ ٽيم کي مهيا ڪئي وڃي ۽ کين ڀرپور سهڪار ڪيو وڃي ته جيئن اسان وٽ هر هڪ گهر جي صحيح ڄاڻ پهچي سگهي ۽ ڊيٽا گڏ ڪندڙ ٽيم آسانيءَ سان پنهنجي ڪم کي صحيح طريقي سان ڪري سگهي. اها ڳالهه اڄ هن گڏاپ ۾ ڪچي آباديءَ واري خاص معاون ۽ ايم پي اي مرتضيٰ بلوچ پاران ڏنل مانجهاندي ۾ شرڪت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير نثار احمد کهڙو، مڪيش ڪمار چاولا، گيانچند اسراڻي ۽ ايم پي ايز امتياز علي شيخ، ڊاڪٽر سڪندر شورو سميت پارٽي ڪارڪن جو وڏو انگ موجود هو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پارٽي ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلن بابت معلومات پڻ حاصل ڪئي.